نيويارڪ – 3 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن جي ٻارن جي تحفظ واري اداري (يونيسيف) زور ڀريو آهي ته پناهگير ٻارن کي ترجيحي بنيادن تي تحظ فراهم ڪيو وڃي . پرڏيهي ميڊيا مطابق يونيسيف گذريل ڏينهن چيو ته نئين ??ال جي موقعي تي سسلي جي ٻيٽ لامپاڊوسا ۾ پيش آيل حادثي ۾ زنده بچي ويل ماڻهن ۾ 8 سالن جي ٻارڙي به شامل آهي جنهن جي والده لاپتا ماڻهن ۾ شامل آهي . يونيسيف مطابق گذريل مهيني لامپاڊوسا ويجهو سمنڊ ۾ ترندڙ هڪ 11 سالن جي ڇو??ري کي بچايو ويو هو . جنهن بابت خيال آهي ته اها تيونس ??ي شهر صفاقس کان رواني ٿيل پناهگير ٻيڙي مان زنده بچي ويل ٻارڙي هئي . ان ٻيڙي ۾ اٽڪل 45 ماڻهو سوار هئا . انٽر نيشنل آرگنائزيشن آف مائيگريشن جي انگن اکرن مطابق 2024ع ۾ مختلف حادثن ۾ 2275 پناهگير لاپتا ٿيا جنهن بعد 2014 ع کان هن وقت تائين ??نهن لاپتا ماڻهن جو مجموعي انگ 31180 ٿي ويو آهي . يونيسيف حڪومتن تي زور ڀريو آهي ته اهي پناهگيرن بابت عالمي قانون تحت پنهنجين ??ميوارين ??و احترام ڪن ۽ خاص طورتي ٻارن جي تحفظ کي ترجيح ڏين.
پناهگير ٻارن کي ترجيحي بنيادن تي تحفظ فراهم ڪرڻ گهرجي: يونيسيف
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری