اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پا??ستان جي آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ شهرين جي ٽرائل بابت درخواستن جي ٻُڌڻي 9 جنوري تائين ملتوي ڪندي بچاء?? واري وز??رت جي وڪيل کي فوجي عدالتن جي حوالي سان انٽرنيشنل پريڪٽسز بابت آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ آف پا??ستان جي 7 رڪني آئيني بينچ ڪالهه فوجي عدالتن ۾ شهرين جي ٽرائل بابت درخواستن جي ٻُڌڻي ڪئي. بينچ ۾ جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس نعيم اختر افغان، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس مسرت هلالي، جسٽس محمدعلي مظهر ۽ جسٽس شاهد حسن بلال شامل آهن. ٻُڌڻيءَ جي شروعات تي بچاء?? واري وز??رت جي وڪيل فوجي عدالت ۾ شهرين جي ڪيسن جي ٻُڌڻي بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو پڙهي ٻُڌايو. جسٽس جمال خان مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته موجوده ??يس ۾ 9 مئي جي ڀڃ ڊاهه جا ملزم فوجي ناهن، کين شهري چئي سگهجي ٿو، ڇا انهن تي آرمي ايڪٽ تحت ??يس هلائي سگهجي ٿو؟ جسٽس مسرت هلالي ريمارڪس ڏنا ته پا??ستان جو آئين معطل ناهي. جسٽس جمال خان مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته قانون??از??ءَ جو اختيار پارليامينٽ وٽ آهي. چيو وڃي ٿو ته پارليامينٽ سپريم آهي پر بالادستي آئين جي آهي. عدالت درخواست جي ٻُڌڻي صبح 9 جنوري تائين ملتوي ڪندي وڪيل کي چيو ته هو عدالت کي فوجي عدالت بابت انٽرنيشنل پريڪٽسز تي بريفنگ ڏي.
سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ فوجي عدالتن ۾ شهرين جي ٽرائل بابت درخواستن جي ٻُڌڻي 9 جنوري تائين ملتوي
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر