اسلام آباد-26 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي??َ جي اسپيڪر سردار اياز صادق، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ بي مثال خدمتن کي ساراهيندي چيو آهي ته هوءَ نه صرف پاڪستان پر پوري دنيا ۾ جمهوريت جي علمبردار طور سُڃاتي و??ندي هئي. هن شهيد محترمه جي سياسي ڪاميابين جو ذڪر ڪندي چيو ته هن اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم ۽ مخالف ڌر بڻجڻ جو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو، جنهن سان ملڪ جي عورتن کي سياست ۾ اچڻ ۽ پنهنجو هاڪاري ڪرداري ادا ڪرڻ جو حوصلو مليو. هن اهڙو اظهار شهيد محترمه جي 17هين ورسي??َ جي موقعي تي ڪيو، جيڪو هر سال 27 ڊسمبر تي سڄي ملڪ ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملهائي و??ندي آهي. اسپيڪر چيو ته محمد نواز شريف ۽ شهيد محترمه جي ڪوششن سبب ميثاق?? جمهوريت ممڪن ٿي جيڪا ملڪ جي ٻن وڏين سياسي پارٽين جو وڏو ڪارنامو آهي. هن چيو ته ميثاق?? جمهوريت عيوض 18هين ۽ 26هين ت??مي??ن ذريعي 1973ع جي آئين کي پنهنجي اصل روح ۾ بحال ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪس??ان?? قوم صدر مملڪت آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پ پ چيئ??مي?? بلاول ڀٽو زرداري جي ٿورائتي آهي جنهن شهيد محترمه ڀٽو ۽ محمد نواز شريف وچ ۾ ڪيل ميثاق?? جمهوريت جي عهد کي نڀايو. هن موجوده دؤر ۾ قومي مفاهمت کي هٿي ڏيڻ ۽ قومي مفادن کي ذاتي مفادن تي ترجيح ڏيڻ لاءِ محترمه جي نقش قدم تي هلڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.
شهيد محترمه بينظير ڀٽو نه صرف پاڪستان پر پوري دنيا ۾ جمهوريت جي علمبردار طور سُڃاتي ويندي هئي: سردار اياز صادق
مضمون کا ماخذ : ریل رش