اسلام آباد- 25 ڊسمبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري، پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي 148هين پ??دائش واري ڏينهن تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آه?? ته اڄ جي ڏينهن اسان باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي قوم لاءِ ڪيل خدمتن کي کيس سلام پيش ڪريون ٿا، قائداعظم هڪ سياسي جدوجهد ذريعي تاريخ جي ڌارا تبديل ڪئي، قائداعظم جي ويزن، عزم ۽ استقلال عيوض ئي ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ هڪ آزاد وطن جو قيام ممڪن ٿي سگهيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق قائداعظم محمد علي جناح جي 148هين پ??دائش جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اسان جي تاريخ جي هڪ نازڪ ترين دؤر ۾ قائداعظم جي قيادت سندس غير معمولي صلاحيتن جو ثبوت آه??. قائداعظم هڪ وڪيل، مدبر ۽ آل انڊيا مسلم ليگ جي اڳواڻ طور تي مسلمانن جي حقن جي ڀرپور وڪالت ڪئي. هن پاڪستان جو ڪيس نهايت وضاحت ۽ يقين سان پ??ش ڪيو. هن هڪ اهڙي ڌار وطن جي ضرورت تي زور ڀريو جتي مسلمان آزاديءَ سان پ??هنجي مذهب تي عمل پيرا ٿي سگهن ۽ پنهنجي ثقافت، سياسي ۽ معاشي حقن جو تحفظ ڪري سگهن. هن چيو ته 11 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلي مان سندس تاريخي خطاب اڄ به اسان لاءِ مشعل راهه آه??. پنهنجي ان تقرير ۾ هن هڪ اهڙي پاڪستان جو تصور پيش ڪيو جتي قانون جي حڪمراني هوندي، اقليتن جي حقن جو تحفظ ڪيو ويندو ۽ هر شهري بنا ڪنهن فرق جي رياست جي سامهون برابر هوندو. انصاف ۽ رواداري جا اهي اصول نه صرف قائد جي فلسفي جو بنياد آه?? پر اهي اصول آه?? جن تي عمل پيرا ٿيڻ لاءِ اسان کي اڻٿڪ ڪوششون ڪرڻ گهرجن. صدر مملڪت چيو ته جيتوڻيڪ اسان مختلف شعبن ۾ اعليٰ ترقي ڪئي آه??، پر هڪ خوشحال ۽ انصاف تي ٻڌل قوم بڻجڻ جو سفر اڃان جاري آه??، قائداعظم جي هڪ جهموري ۽ خود ڪفيل پاڪستان جي ويزن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي سماجي انصاف، معاشي برابري ۽ قانون جي حڪمراني جا قدر برقرار رکڻ لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آه??. اسان کي پنهنجي نوجوانن جي تعليم تي سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي ۽ پاڪستان جي روشن مستقبل لاءِ کين علم ۽ هنر سان نوازڻو پوندو. اسان کي معاشري جي پيڙهيل ??بق?? جي بهتري لاءِ به ڪم ڪرڻ جي ضرورت آه??. هڪ پر امن ۽ اعتدال پسند پاڪستان جي خواب جي تڪميل لاءِ اسان کي پنهنجي سرحدن جي اندر ۽ ٻاهر هم آه??گي کي هٿي وٺرائڻي آه??. هن چيو ته اڄ جڏهن اسان قائد جو جنم ڏينهن ملهائي رهيا آه??ون ته ??چو اسان قائداعظم جي نظرين کي پنهنجي ذاتي ۽ اجتماعي زندگين ۾ اپنائڻ جي عهد جي تجديد ڪيون. سندس ٻڌايل ”اتحاد، يقين محڪم ۽ تنظيم“ جي اصولن کي قومي هم آه??گي ۽ ترقي لاءِ مشعل راهه بنايون. ??چو اسان هڪ اهڙي پاڪستان جي تعمير جي عزم جو ورجاءُ ڪيون جيڪو حقيقي معنيٰ ۾ قائداعظم جي ويزن جي عڪاسي ڪري. هڪ جمهوري ۽ خوشحال پاڪستان جتي هر شهري کي پنهنجون ڀرپور صلاحيتون نکارڻ جو موقعي ملي سگهي.
قائد اعظم محمد علي جناح جي ويزن، عزمَ ۽ استقلال جي عيوض ئي ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ هڪ آزاد وطن جو قيام ممڪن ٿي سگهيو: صدر مملڪت آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس