اسلام آباد- 05 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سان گڏيل ??ومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم اڱاري ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. ناڻي واري وزارت مان جاري بيان مطابق ملاقات ۾ ناڻي واري وزير جي مختلف شراڪتدارن، مالياتي ادارن، واپاري ۽ سيڙپڪاري بئنڪن، ٻه طرفي شراڪتدارن، ٿنڪ ٽينڪس ۽ حڪومتي عهديدارن سان منعقد مشاورت ۽ ڳالهين تي عملدرآمد ۽ اڳڀرائيءَ بابت معاملا بحث هيٺ آيا. ان موقعي تي منير اڪرم پاڪستان طرفان موسمياتي انصاف جي ضرورت ۽ اهميت کي اجاگر ڪرڻ، موسمياتي مالي معاونت ۾ اضافي ۽ اُسرندڙ ملڪن جي امداد لاءِ واپاري سڌارن کي هٿي وٺرائڻ جي ڪوششن تي روشني و??ي. هن ڊيميج اينڊ لاس فنڊ کي جلد کان جلد فعال ڪرڻ، 2021ع جي اسپيشل ڊرائينگ رائٽس الاٽمينٽ جو 50 سيڪڙو ٻيهر ترقياتي ڪمن ۾ استعمال ڪرڻ جي معاهدي کي لاڳو ڪرڻ ۽ گڏيل ??ومن ۾ بين الحڪومتي عمل ذريعي سيڪريٽري جنرل طرفان پا??يدار ترقيءَ جي هدفن لاءِ تجويز ڪيل ??دمن کي عملي جا??و پارائڻ لاءِ عالمي سطح تي پاڪستان جي ڪوششن کي به اجاگر ڪيو. منير اڪرم ترقي يافته ملڪن طرفان پنهنجي مجموعي قومي آمدنيءَ جو 0.7 سيڪڙو سرڪاري ترقياتي امداد جي فراهمي جي عزم کي پوري ڪرڻ لاءِ واضح ۽ مختلف وقتن تي ٻَڌل روڊ ميپ واضح ڪرڻ ۽ گڏيل ??ومن تحت اوسرندڙ ملڪن ۾ پا??يدار بنيادي ڍانچي ۾ سرڪاري ۽ نجي سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ نظام جي جوڙجڪ جي سلسلي ۾ ڪوششن تي به روشني و??ي ته جيئن قرضن جي بار هيٺيان دٻيل ??لڪن لاءِ تيز ۽ منصفاڻي قرض معافي ۽ ري اسٽرڪچرنگ جي سهولت فراهم ڪري سگهي.
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سان گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر