اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ ايس سي او سربراهي ڪانفرنس ڪامياب نموني منعقد ٿيڻ تي حڪومت کي مبارڪ?? جي قرارداد اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتي. سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر شيري رحمان قرارداد پيش ڪئي ته سينيٽ اسلام آباد ۾ ايس سي او حڪومتي سربراه?? جي ڪانفرنس دوران ??هڻ رُخي مصروفيتن ۽ اعليٰ ترين سطح تي غير معمولي طور ڪامياب تقريب منعقد ڪرڻ تي مبارڪون پيش ڪري ٿي. قرارداد ۾ چيو ويو ته ڪانفرنس جي ڪاميابي سڄي دنيا ۾ پاڪستا?? جي جي اميج لاءِ هڪ نئين تبديليءَ جي نشاندهي ڪري ٿي. قرارداد ۾ اهو به چيو ويو ته اسان ??ي يقين آهي ته ان تقريب ۾ ٿيل اڳڀرائي پاڪستا?? جي وڌندڙ جاگرافيائي، معاشي مقام ۽ علائقائي رابطن، سيڙپڪاري، انفراسٽرڪچر، موسمياتي ۽ سيڪيورٽي جي هدفن ۾ واڌ ۾ ڪردار ادا ڪندي. سينيٽ چيئرمين قرارداد منظوريءَ لاءِ ايوان ۾ پيش ڪئي، جنهن کي ايوان اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو. ان ??ان اڳ قرارداد جي حوالي سان ??الهائيندي سينيٽر شيري رحمان ??يو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪامياب منعقد ڪرڻ تي مبارڪ?? جي قرارداد تي پي ٽي آءِ کانسواءِ سمورين سياسي پارٽين صحيحيون ڪيون آهن. هن چيو ته سينيٽ پاڪستان حڪومت کي شنگهائي تعاون تنظيم جي اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ڪرڻ کي ساراهي ٿي جنهن ۾ گهڻ رُخي سهڪار تي ڳالهيون ڪيون ويون، علائقائي رابطن کي هٿي ڏيڻ، انفراسٽرڪچر، موسمياتي تبديلي جي هدفن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اهو پرڏيهي معاملن لاءِ انتهائي اهم آهي، اهم سنگ ميل تي وزيراعظم سميت پوري حڪومت مبارڪ?? جي مستحق آهي. ڊگهي عرصي کانپوءِ پاڪستان ۾ ايڏو وڏو ايونٽ ٿيو آهي، ميمبر ملڪن اعليٰ سطحي وفدن سان ??ڏ ڪانفرنس ۾ ڀرپور ??رڪت ڪئي، هي پاڪستا?? جي پرڏيهي پاليسي تي اعتماد جو مظهر آهي، اهو ملڪ کي مستحڪم ۽ سيڙپڪاريءَ لاءِ منزل سمجهون ٿا، نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو افتتاح ڪيو ويو، سي پيڪ منصوبي تي دير ختم ۽ اهو منصوب?? بحال ٿي چڪو آهي. ڀارتي پرڏيهي وزير پڻ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. سينيٽ چيئرمين چيو ته ايس سي او سربراهي اجلاس دوران مخالف ڌُر جو ڪردار هاڪاري رهيو ۽ پُرامن ماحول ۾ اهو اجلاس پڄاڻيءَ تي پهتو. ايمل ولي خان ??يو ته ايس سي او اجلاس ۾ پاڪستا?? جي هاڪاري سُڃاڻپ کي اجاگر ڪيو ويو.
سينيٽ پاران ايس سي او سربراهي ڪانفرنس ڪامياب نموني منعقد ٿيڻ تي حڪومت کي مبارڪن جي قرارداد اڪثريت راءِ سان منظور
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات