اسلام آباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) خاتم النبيين، سرور ڪونين حضرت محمدﷺ جي ولادت باسعادت جي مناسبت سان سڄي ملڪ ۾ عيد ميلادالنبيﷺ 17 سيپٽمبر اڱاري تي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي. مذهبي معاملن جي انتظام هيٺ ق??مي سيرت ڪانفرنس جو بندوبست ڪيو ويو، جڏهن ته سڄي ملڪ جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۽ علائقن ۾ عيد ميلادالنبيﷺ جا جلوس ۽ ٻيون محفلون منعقد ڪيون پيون وڃن. مسجدن، ڪاروباري مرڪزن ۽ اهم نجي سرڪاري عمارتن کي رنگ برنگي بتين سان سينگاريو ويو ۽ ڏينهن جي شروعات مسجدن ۽ گهرن ۾ ملڪي ترقي، سلامتي، خوشحالي ۽ مسلم اُمت جي اتحاد لاءِ خاص دعائن سان ڪئي وئي. عيد ميلادالنبيﷺ جي موقعي تي ??جر جي نماز کان پوءِ گادي واري هنڌ ۾ 31 ۽ صوبائي گاديءَ واري هنڌ 21-21 توپن جي سلامي ڏني ويندي. سڄي ملڪ ۾ ميلاد جلوسن جو اهتمام ڪيو ويندو. پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن فول پروف سيڪيورٽي جا انتظام ڪ??ا آهن، جڏهن ته ٽريفڪ جي رواني کي برقرار رکڻ لاءِ به ٽريفڪ پلان ترتيب ڏنو ويو آهي ته جيئن جلوس ۾ شرڪت ڪندڙن جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائي سگهجي. مذهبي معاملن واري وزارت جي انتظام هيٺ ق??مي سيرت ڪانفرنس ٿيندي. هلندڙ س??ل سيرت ڪانفرنس جو موضوع رياست جو تعليمي نظام سيرت النبيﷺ جي روشنيءَ ۾ آهي. سيرت ڪانفرنس ۾ سڄي ملڪ مان ن??مي??را عالم سڳورا، مذهبي اسڪالر، ن??مي??ري نعت خوان ۽ سفارتڪارن سميت اهم شخصيتون شرڪت ڪندا.
سڄي ملڪ ۾ عيد ميلادالنبيﷺ 17 سيپٽمبر اڱاري تي مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن