اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) منصوبا بندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو ??هي ته وفاقي حڪومت سالياني ترقياتي پروگرام پي ايس ڊي پي ۾ منصوبن کي صوبن جي بنياد تي تقسيم ناهي ڪيو ويندو پر انهن جي قومي اهميت کي نظر ۾ رکيو ويندو آه??، پي ٽي آءِ جي آخري سال ۾ کپت تي ٻَڌل گروٿ ذريعي پاڪستان جي ڪرنسي ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن کي تباهه ڪيو ويو، انهن جي اثرن مان اسان اڃا نه نڪري سگهيا آه??ون.. پيرس معاهدي تحت سمورن منصوبن لاءِ گائيڊ لائنز ڏنيون ويون آه??، ماضيءَ ۾ ننڍن ننڍن منصوبن سان ديامير ڀاشا ڊيم، ڪي فور ۽ شاهران جا اهم منصوبا متاثر ٿيا آه??. سومر ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ سوالن واري وقفي دوران اسد قيصر، شرميلا فاروقي، شهزاده گستاس?? خان ۽ ٻين جي سوالن تي احسن اقبال ايوان کي ٻُڌايو ??ه 18هين ترميم کانپوءِ پي ايس ڊي پي جو ڪردار محدود ٿي ويو ??هي، اڪثر معاملا جن جو تعلق علائقائي ۽ مقامي ترقيءَ سان هو، اهي موضوع ۽ معاملا صوبن کي منتقل ٿيا آه??، پهريان صوبي کي 40 ۽ وفاق کي 60 سيڪڙو حصو ملندو هو، هاڻي صوبن کي 58 ۽ وفاق کي 42 سيڪڙو حصو ملندو آه??. ميگا انفراسٽرڪچر منصوبن لاءِ وفاق وٽ فنڊز گهٽ هوندا آه??، 2018ع کان 2022ع جي وچ ۾ پي ايس ڊي پي ۾ مس مئنجمينٽ ڪئي وئي ۽ سياسي بنيادن تي منصوبا شروع ڪيا ويا، جنهن سان 40 سيڪڙو پي ايس ڊي پي صوبائي منصوبن جي نظر ٿي ويو ??نهن کانپوءِ ڪي فور، ديامير ڀاشا ڊيم ۽ ٻين وڏن منصوبن لاءِ 60 سيڪڙو پي ايس ڊي پي رهجي وئي آه??. هن چيو ??ه پي ايس ڊي پي جي صوبن جي بنياد تي ناهي پر آئين جي مطابق تقسيم ٿيندي آه??. وفاقي حڪومت وٽ پاور، اين ايڇ اي، ٽيلي ڪميونيڪيشن، پيٽروليم ۽ هائر ايجوڪيشن ۾ وفاقي پي ايس ڊي پي رهجي وئي آه??. 13ع ۾ اسان صوابي ۾ يونيورسٽيءَ جو بنياد رکيو، اهڙيءَ طرح خيبر يونيورسٽيءَ ۾ ليور ٽرانسپلانٽ جو منصوبو پي ايس ڊي پي ۾ شامل ڪيو ويو. اسد قيصر جي سوال تي هن چيو ??ه 18ع کان 22ع تائين 40 سيڪڙو پي ايس ڊي پي صوبن کي ڏني وئي جنهن سان وفاقي پي ايس ڊي پي ۾ منصوبن لاءِ مختص ڪيل فنڊ جو ڪاٿو گهٽ ٿي ويو، مخالف ڌر اڳواڻ جي سوال تي هن چيو ??ه 18ع ۾ جڏهن اسان حڪومت ڇڏي ته ترقياتي بجيٽ هڪ هزار ارب رپيا ڇڏي ويا هئا??ين?? 6 سالن کانپوءِ هاڻي اهو 1100 ارب رپين تائين پهچي ويو. 13ع کان 18ع تائين رڪارڊ ترقياتي پروگرام ٿيا. پي ٽي آءِ دؤر ۾ پي ايس ڊي پي جو ڪاٿو گهٽ ٿي 700 ارب رهجي ويو هو. پاڪستان جي ترقيءَ جي تباهي جي جيڪڏهن ڪا حڪومت ذميوار آه?? ته اهي هي ماڻهو آه??. شرميلا فاروقي ۽ ٻين جي سوال تي احسن اقبال ايوان کي ٻُڌايو ??ه پيرس معاهدي تحت منصوبن لاءِ گائيڊ لائنز ڏنيون ويون آه??. منصوبا بندي وزارت ۾ به سمورن منصوبن ۾ ماحوليات کي پي سي ون ۾ شامل ڪيو ويو ??هي. شازيه مري جي سوال تي هن چيو ??ه قومي اقتصادي ڪائونسل قومي ادارو آه??، سمورا وڏا وزير ان جا ميمبر آه??، جيڪو ترقياتي بجيٽ منظور ٿيندو آه?? اهو نيشنل ڊولپمينٽ آئوٽ لي مطابق منظور ٿيندو آه??. مقامي ترقيءَ بابت معاملا صوبن کي منتقل ٿيا آه??، 60 سيڪڙو وسيلا به صوبن کي منتقل ٿيا آه??، اسان جي ڪوشش آه?? ته وفاقي منصوبن کي ترجيح ڏني وڃي ۽ـ اهي منصوبا متاثر نه ٿين. ڪائونسل فيصلو ڪيو ??هي ته مستقبل ۾ وفاقي حڪومت صرف انهن منصوبن کي وٺندي جن لاءِ صوبا 50 سيڪڙو فنڊز ڏيندا. شهزاده محمد گستاس?? خان جي سوال تي احسن اقبال چيو ??ه وفاقي حڪومت وٽ ترقيءَ جو هڪ مخصوص ۽ محدود اسڪوپ رهجي ويو ??هي. پاور، پيٽروليم، اين ايڇ اي ۽ سول ايوي ايشن جهڙا شعبا وفاقي حڪومت جي دائره ڪار ۾ رهجي ويا آه??. ترجيح اها آه?? ته اهڙن منصوبن کي پورو ڪيو وڃي جنهن سان قومي ترقيءَ جو عمل تيز ٿئي. ان کان علاوه قومي ترقيءَ جي اهم منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آه??. هاڻي قومي ترجيحن جي اهم منصوبن کي مڪمل ڪرڻ تي توجهه ڏني پئي وڃي.
پي ايس ڊي پي جي منصوبن جي قومي اهميت کي نظر ۾ رکيو ويندو آهي: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش