ڪوئيٽا-08 فيبروري (اي پي پي) سڄي ملڪ وانگر بلوچستان ۾ به چونڊون 2024ع لاءِ پولنگ جو عمل پرامن طريقي سان مڪمل ٿي ويو، چونڊون صبح 8 وڳي کان شام پنج و??ي تائين بنا رڪاوٽ جي جاري رهيون، ان موقعي تي سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ ماڻهن جي وڏي انگ سميت بزرگ شهرين ۽ عو??تن به پنهنجي ووٽ جي حق جي استعمال لاءِ پولنگ اسٽيشنن جو رخ ڪيو. بلوچستان جي نگران وڏي وزير مير علي مردان ڊومڪي سڄي صوبي ۾ پرامن چونڊون ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته بلوچستان جو عوام عام چونڊن جي جمهوري عمل ۾ ڀرپور حصو وٺي صاف ۽ شفاف چونڊن ذريعي پنهنجي پارلياماني نمائندن جي چونڊ ۾ گهري دلچسپ?? ورتي.
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن