اسلام آباد – 21 – فيبروري (اي پي پي) اط??اعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ناليواري صحافي، ايڊيٽر ۽ ڪالم نگار نذير ناجي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پن??نجي تعزيتي بيان ۾ اط??اعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نذير ناجي ڏاهو صحافي ۽ تجزيه نگار هو، هن پن??نجي پوري زندگي صحافت ۽ ملڪ جي خدمت جي لاءِ وقف ڪئي، نذير ناجي جا ڪالم ۽ تجزيا سدائين ??علوماتي ۽ بصيرت وارا هوندا هئا. مرتضيٰ سولنگي چيو ته نذير ناجي پن??نجي ڪم جي ذريعي معاشري ۾ مثبت تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، نذير ناجي مرحوم جي لاڏاڻي سان صحافت جي دنيا ۾ جيڪو خال پيدا ٿيو آهي، اهو ڪڏهن به پورو نه ٿي سگهندو. اط??اعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي نذير ناجي جي گهرڀاتين ۽ دوستن سان تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم ک?? جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ س??دس پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.
نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاران ناليواري صحافي، ايڊيٽر ۽ ڪالم نگار نذير ناجي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena