اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ??زه ۾ جباليه پناهگير ڪئمپ تي اسرائيل جي وحشياڻي حملي جي شديد مذمت ڪندي عام شهرين جي وڌيڪ قتل عام کي روڪڻ جي لاءِ غيرمشروط جنگبندي جي فوري ضرورت تي پڻ زور ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو ته پاڪستان ??زه ۾ جباليه پناهگير ڪئمپ تي اسرائيل جي وحشياڻي حملي جي شديد مذمت ڪري ٿو جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت درجنين ماڻهو فوت ۽ زخمي ٿيا آهن. ترجمان چيو ته اهو حملو غزه جي ماڻهن جي خلاف جنگي ڏوهن جي سلسلي جو تازو ترين واقعو آهي، هو عام شهرين کي وڌيڪ قتل عام کان ??چائڻ جي لاءِ غيرمشروط جنگبندي جي فوري ضرورت تي پڻ زور ڏي ٿو. ترجمان چيو ته اسان ??المي برادري خاص طور تي اسرائيل جي حامين تي زور ڏي ٿو ته اهي حملن کي روڪڻ، غزه جو گهيراءُ ختم ڪرڻ، شهرين جي تحفظ ۽ ??نس??ني همدرديءَ جي لنگهن جي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻي ته جيئن غزه جي محصور ماڻهن کي بنا رڪاوٽ امدادي سامان فراهم ڪري سگهجي.
پاڪستان پاران غزه ۾ جباليه پناهگير ڪئمپ تي اسرائيل جي وحشياڻي حملي جي شديد مذمت
مضمون کا ماخذ : loteria Ceará