اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽ?? جي اجلاس ۾ ريڊيو پاڪستان ۾ ڏهاڙي اجرت تي ڀرتين، پاڪستان سيڪيورٽي پرنٽنگ ڪارپوريشن پرائيويٽ لميٽيڊ کي پي بي س?? جي زمين ليز تي ڏيڻ، اشتهارن جي ورڇ جي طريقيڪار، درجابندي، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي معيار، پر??س ڪائونسل آف پاڪستان (پي سي پي) ۽ نيشنل پريس ٽرسٽ (اين پي ٽي) ج?? ڪردار تي غور ڪيو ويو. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ڪميٽ?? جي ڪنوينر سينيٽر فوزيه ارشد جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ وزارت جي دائره اختيار ۾ ايندڙ ڪيترن ئي معاملن تي جامع بحث ٿيو. اسٽينڊنگ ڪميٽي پي بي سي ۾ ڏهاڙي اجرت تي ڀرتي ٿيندڙ 53 نئين ملازمن جي چون?? جي عمل جي حوالي سان پڇاڻو ڪيو. ڊ?? جي پي بي سي ڪميٽي کي پي بي س?? جي آءِ ٽي سيڪشن ۾ افرادي قوت جي شديد کوٽ بابت آگاهه ڪيو. ڪميٽي اطلاعات ??اري وفاقي سيڪريٽري کي چيو ته هو انهن 53 ڪيسز جي جاچ جي لاءِ ڪميٽي جوڙي. اطلاعات ??اري سيڪريٽري انهن ڪيسز جو جائزو وٺڻ ۽ ڪميٽي کي رپورٽ پيش ڪرڻ جي خاطر?? ڪرائي. ان کانسواءِ اطلاعات ۽ نشريات ??اري سيڪريٽري 6 سيپٽمبر 2023ع تي ڪميٽ?? جي گذريل اجلاس دوران اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي ذيلي اداري پاڪستان سيڪيورٽي پرنٽنگ ڪارپوريشن پرائيويٽ لميٽيڊ کي پي بي س?? جي زمين ليز تي ڏيڻ جي حوالي سان ڏنل سفارشن تي تعميل جي رپورٽ فراهم ڪئي. ڪميٽي ان معامل?? جي حل ٿيڻ تائين وزارت تي زور ڏنو ته ڪميٽ?? جي هر اجلاس ۾ باقاعده اپ ڊيٽ فراهم ڪئي وڃي. اسٽينڊنگ ڪميٽي کي اشتهارن جي ورڇ جي طريقيڪار، درجابندي ۽ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي معيار بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي. ڪميٽي فيصلو ڪيو ته ايندڙ اجلاس ۾ ان معاملي تي ٻيهر غور ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ پي آئي ڊي عملدارن ٻڌايو ته وفاقي حڪومت جا 450 ادارا پي آئي ڊ?? جي ذريعي اشتهار جاري ڪن ٿا ۽ مخصوص ٽي وي چينلز جي ناظرين جو اندازو هڻي اگهه طئي ڪيا وڃن ٿا. چيئرمين اشتهارن جي ورڇ جي لاءِ شفاف طريقيڪار ??ائ?? ڪرڻ ۽ ان عمل جي نگران?? جي لاءِ غيرجانبدار بورڊ جوڙڻ جي تجويز پيش ڪئي جنهن سان اشتهارن جي غيرجانبدراڻي ورڇ کي يقيني بڻائي سگهجي. ڪميٽي پر??س ڪائونسل آف پاڪستان (پي سي پي) ۽ نيشنل پريس ٽرسٽ (اين پي ٽي) ج?? ڪردار ۽ ڪم بابت پڻ پڇاڻو ڪيو. اطلاعات ??اري وفاقي سيڪريٽري ڪميٽي کي ٻڌايو ته پي سي پي وٽ هن وقت چيئرپرسن موجود نه آهي جنهن ج?? ڪري ڪائونسل غيرموثر آهي. پي سي پ?? جي چيئرپرسن جي مقرر?? جي تجويز صدر کي پيش ڪئي وئي آهي. ڪميٽي پي سي پي کي موثر بڻائڻ جي لاءِ نئين ايڪٽ يا ترميمن جي ضرورت تي زور ڏنو. سينيٽر عرفان صديقي نيشنل پريس ٽرسٽ جي غيرفعال ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ايندڙ اجلاس ۾ ان جي ڍانچي، ڪردار ۽ فعاليت بابت تفصيلي بريفنگ جي درخواست ڪئي. نيشنل پريس ٽرسٽ جي وقتي چيئرمين ٻڌايو ته نيشنل پريس ٽرسٽ 2019ع کان بنا چيئرمين جي ڪم ڪري رهيو آهي، 9 پراپرٽيز جي سارسنڀال ڪري رهيو آهي، ان جا اٽڪل 23 ملازم اسلام آباد، ڪراچي، لاهور ۽ ملتان ۾ مقرر آهن. اهڙي طرح پيمرا جي چيئرمين پيمرا جي پاليسي ۽ معاشر?? جي لاءِ نقصانڪار مواد جي حوصلا شڪني ۾ پيمرا ج?? ڪردار بابت ڪميٽي کي آگاهه ڪيو. هن واضح ڪيو ته پيمرا وٽ پري سينسرشپ پاليسي نه آهي، هن ڊرام?? جي مواد جي نگراني ڪندڙ بنيادي باڊي ”ڪائونسل آف ڪمپلينٽس“ جي غيرفعالي کي اجاگر ڪيو. سينيٽر عرفان صديقي ڪائونسل آف ڪمپلينٽس کي فعال بڻائڻ ۽ پيمرا جي ڪارڪردگي کي وڌائڻ جي لاءِ لاڳاپيل شعبن مان ناليوارن ماڻهن کي مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي. ڪميٽي ڊرام?? جي مواد جي موثر طريقي سان نگران?? ڪرڻ جي لاءِ شڪايت ڪائونسل کي بحال ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ سينيٽر وقار مهدي، عرفان صديقي ۽ لال دين شرڪت ڪئي جڏهن ته اطلاعات ۽ نشريات ??اري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، اطلاعات ۽ نشريات ??اري سيڪريٽري ظهور احمد کانسواءِ پيمرا چيئرمين، ڊ?? جي پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن ۽ ڊ?? جي پي آئي ڊي سميت ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ اجلاس ۾ موجود هئا.
سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا