اسلام آباد-27 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجه پرويز اشرف حج جي سعادت ماڻيندڙن کي ??ج جون مبارڪون ڏيندي الله تعاليٰ کان سموري عالم اسلام جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ درپيش ڏکيائين مان نجات لاءِ دع?? ڪئي آهي. يوم عرفه جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته حج جا بهترين انتظام ڪرڻ تي پاڪستان ۽ سعودي عرب جي حڪومتن ۽ خاص طور تي خادم الحرمين الشريفين کي ??راج تحسين پيش ڪيان ٿو. هن چيو ته حج اسلام جو هڪ اهم رڪن آهي جيڪو الله تعاليٰ جي رضا، خوشنودي ۽ مغفرت طل?? ڪرڻ جو تمام وڏو ذريعو آهي. هن چيو ته حاجي سڳورا حج دوران جيڪي تڪليفون برداشت ڪندا آهن الله پاڪ طرفان ان جو عظيم اجر کين ملندو آهي ۽ ان ٻانهي جا پويان سمورا گناهه معاف ڪيا ويندا آهن. سندس چوڻ هو ته الله تعاليٰ مسلمانن کي ??ج جي عظيم سعادت سان نوازي ۽ اسان سڀني کي ??ار بار پنهنجي گ??ر جي حاضري نصيب فرمائي. هن چيو ته الله تعاليٰ کان دع?? آهي ته هن برڪت واري ڏينهن جي صدقي سموري عالم اسلام تي پنهنجو خاص فضل ۽ ڪرم ۽ مهرباني فرمائي ۽ اسان کي ??نفرادي ۽ اجتماعي مالي، معاشي ۽ سياسي ڏکيائين مان نجات عطا فرمائي. الله تعاليٰ والاريل فلسطين ۽ ڪشمير جي آزادي لاءِ جاري ڪوششن کي ڪاميا?? ڪري. الله تعاليٰ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير ۽ فلسطين ۾ رهندڙ مظلوم انسانن کي ??المن جي عذاب مان ڇوٽڪارو ڏياري. هن دع?? ڪئي ته اسان جي ڪوششن عيوض ايندڙ وقت ۾ دنيا ۽ ملڪ ۾ استحڪام اچي ۽ ترقي ۽ خوشحالي جون منزلون طعي ٿين.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر طرفان حج جي سعادت ماڻيندڙن کي حج جون مبارڪون، عالم اسلام جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ ڏکيائين مان نجات لاءِ دعا
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری