مظفرآباد- 25 مئي (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار ??لح?? چيو آهي ت?? پاڪ فوج جي شهيدن جون قربانيون اسان جو سرمايو آهن، شهيدن ??ي عظيم قربانين جي ڪري اڄ اسان آزاد فضائن ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون، 9 مئي تي پاڪست??ن ۾ فوجي ملڪيتن ۽ شهيدن جي يادگارن تي حملن جي ڀرپور مذمت ڪريان ٿو. يوم تڪريم شهدا جي موقعي تي خاص بي??ن ۾ هن چيو ته 9 مئي تي پاڪست??ن ۾ فوجي ملڪيتن ۽ شهيدن جي يادگارن تي ڪيل حملن تي ڪشميري قوم کي ڳڻتي آهي، هٿياربند فوج پاڪستان جا جانباز ايل او سي تي جانين جو نذرانو پيش ڪن ٿا ته اسان سڪون سان سمهون ٿا، هن چيو ته حديث مبارڪ آهي ته اسلامي سرحد جي هڪ ڏينهن جي نگهباني دنيا فاني ۽ ان جي سمورين شين کان مٿانهين آهي. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته آزاد ڪشمير جو ڪو به قبرستان اهڙو ناهي جتي ڪنهن شهيد جي قبر تي پاڪستاني جهنڊو نه ڦڙڪندو هجي. مضبوط فوج ملڪ جي سلامتي ۽ ڪشمير جي آزادي جي ضامن آهي. هن چيو ته ڪشميري عوام پاڪ فوج س??ن ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين کي اپيل آهي ته هو پاڪ فوج س??ن ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪن.
پاڪ فوج جي شهيدن جون قربانيون اسان جو سرمايو آهن: چوڌري انوار الحق
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی