اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمر??ن خان اقتدار ۾ رهي ۽ اقتدار کان ٻاهر پنهنجي اعمالن ۽ حرڪتن سان سدائين ملڪ جي بدنامي جو سبب بڻيو آهي، هن سعودي عرب جي ڏنل گهڙيءَ وڪرو ڪئي، سائفر جو ڪوڙ ڳالهايو، قومي ادارن ۽ شهيدن جي يادگارن تي حملا ڪرايا ۽ ملڪ جي بدنامي جو مرتڪب ٿيو، 9 مئي جي سانحي جي ڏوهه جي مذمت ڪافي نه آهي، عمر??ن خان ڏوهه جو اعتراف ڪري ۽ ذميواري قبول ڪري، مذمت سان 9 مئي جو ڏوهه لڪي نٿو سگهي ۽ نه ئي ڏوهاري. اهڙن خيالن جو اظه??ر هن پي ٽي آءِ چيئرمين عمر??ن خان جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمر??ن خان تسليم ڪري ته 9 مئي جي کليل دهشتگردي ۽ شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي جي پٺيان توهان ماسٽر مائنڊ هئا ۽ توهان منصوبابندي ڪئي، اسپتالون، اسڪول، مسجدون، ايمبولينس ۽ ڪور ڪمانڊر جو گهر ساڙڻ جي منصوبابندي توهان ڪئي. وفاقي وزير چيو ته عمر??ن خان مذمت نه ڪري، دهشتگردي جي مرڪز زمان پارڪ ۾ لڪل دهشتگرد قانون جي حوالي ڪري. هن چيو ته پوليس تي پيٽرول بم، گوليون ۽ پٿر اڇلائيندڙ رڳو مذمت ڪري جان نه ٿا ڇڏرائي سگهن. رياست تي حملو ڪندڙن کي سزا ڏيڻ دنيا ۾ ڪنهن ا??سا??ي حق جي خلاف ورزي نه آهي. هن جو چوڻ هو ته اسپتالن، اسڪولن ۽ مريضن تي حملو ڪري ايمبولينسون ساڙڻ ا??سا??ي حقن جون خلاف ورزيون آهن، انهن ڪاررواين ۾ ملوث وحشين کي سزا ڏيڻ ا??سا??ي حقن جي خلاف ورزي نه آهي. مريم اورنگزيب چيو ته فاشسٽ جي هٿان نُنهن، ڌيئرن ۽ پٽن کي ڪوڙن ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ ا??سا??ي حقن جي خلاف ورزي هئي، طيبه گل کي اغوا ڪري وزيراعظم هائوس ۾ رکڻ ا??سا??ي حقن جي خلاف ورزي هئي، صحافين کي سچ ڳالهائڻ تي قيد ڪرڻ، گوليون هڻڻ، اغوا ڪرڻ ۽ انهن جون پاسراٽيون ۽ نڪ جون هڏيون ٽوڙڻ ا??سا??ي حق جي خلاف ورزي هئي، هزاره برادري جي مظلوم شهيدن جي پونئيرن ک?? ”??نازن سان بليڪ ميل نه ٿيندس“ چوڻ ا??سا??ي حقن جي خلاف ورزي هئي.
عمران خان اقتدار ۾ رهي ۽ اقتدار کان ٻاهر پنهنجي اعمالن ۽ حرڪتن سان سدائين ملڪ جي بدنامي جو سبب بڻيو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں