اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پهرين ۽ ٻه نومبر تي چين جو دورو ڪندو. وزيراعظم کي ان دوري جي دعوت عوامي جمهوريه چي?? جي رياستي ڪائونسل جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ ڏني آهي. پرڏ??هي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هلندڙ سال اپريل ۾ وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف جو چين جو پهريون دورو هوندو. وزيراعظم 16 سيپٽمبر 2022ع تي ازبڪستان ۾ چي?? جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي هئي. چي?? جي ڪميونسٽ پارٽي جي تاريخي ويهين نيشنل ڪانگريس جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم چين جو دورو ڪندڙ پهرين اڳواڻن ۾ شامل آهي. بيان موجب وزيراعظم جو دورو پاڪستان ۽ چي?? جي وچ ۾ قيادت جي سطح جي دور?? جي تسلسل جو اظهار آهي. وزيراعظم چي?? جي دوري دوران صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان وفد?? جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دوري دوران ڌريون گڏيل اسٽريٽجڪ تعاو?? جي حصيداري جو جائزو وٺنديون ۽ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرا??ي تي خيالن جي ڏ?? وٺ ڪندا. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ان دوري ۾ مختلف ??عب?? ۾ مفاهمت جي ڪيترين ئي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون متوقع آهن. جڏهن ته وسيع پئماني تي ٻطرفي تعاو?? جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۽ سي پيڪ جوائنٽ ڪوآپريشن ڪميٽي جي 27 آڪٽوبر تي ٿيندڙ 11 هين اجلاس جي ڏس ۾ سي پيڪ منصوبي تي تعاو?? جي رفتار کي مستحڪم بڻائڻ جي به اميد آهي.
وزيراعظم شهباز شريف وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ چين جو پهريون دورو ڪندو: پرڏيهي آفيس جو ترجمان
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد