اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي منشيات ڪنٽرول (ترميمي) بل 2022ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. صدر منظوري آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب منشيات ڪنٽرول ايڪٽ ۾ غيرقانوني منشيات بابت ڏوهن جي لاءِ موت يا عمر قيد جي سزا تجويز ڪئي وئي آهي. سزائون هيروئن، ما??في??، ڪوڪين ۽ ائس سميت مختلف مقدار جي نشي آور دوائن ۽ منشيات تي ڏني ويندي. صدر جي منظوري کانپوءِ اهو بل منشيات ڪنٽرول (ترميمي) ايڪٽ 2022ع جي شڪل اختيار ڪري ويو آهي. هيروئن يا ما??في?? جي 4 ڪلوگرام يا وڌيڪ مقدار جي ڏوهه تي 20 سال کان وڌيڪ ق??د ۽ 10 لک رپين کان وڌيڪ ڏنڊ هوندو. هيروئن يا ??ور??ين جي 6 ڪلوگرام يا وڌيڪ مقدار جي ڏوهه ۾ سزا موت يا 15 کان 20 لک رپين جي ڏنڊ سان عمر قيد جي سزا هوندي. 3 ڪلو يا وڌيڪ ڪوڪين جي ڏوهه ۾ سزا موت يا 20 سالن کان وڌيڪ قيد سان گڏ 25 لک رپين کان وڌيڪ ڏنڊ هوندو. آفيس جي 4 ڪلوگرام يا وڌيڪ مقدار جي ڏوهن تي سزائي موت يا 25 لک رپين کان وڌيڪ ڏنڊ سان عمر قيد جي سزا هوندي. ڏوهه ڪنهن اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي، تعليمي اداري جي اندر يا ويجهو سرزد ٿيڻ تي ان ڏوهه جي وڌ کان وڌ سزا هوندي.
صدر منشيات ڪنٽرول (ترميمي) بل 2022ع جي منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ