ڪراچي – 05 – آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي تعليم ۽ ثقافت واري وزير سيد سردار علي شاهه چيو آهي ته نريندر مودي هاڻي ڪشميرين ت?? وحشياڻو ظلم فوري طور تي بند ڪري، ڀارت جو نام نهاد سيڪيولر رياست جو ماسڪ لهي چڪو آهي ۽ مودي جي شڪل ۾ ان جي اصل انتهاپس??د شڪل ظاهر ٿي چڪي آهي، ڀارت گڏيل قومن جي قراردادن جي پاسداري ڪري. تعليم واري زير سيد سردار علي شاهه ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته ڪشمير تاريخي طور تي انڊس سولائيزيش?? جو حصو آهي ۽ جواهر لعل نهرو پاڻ پنهنجي ڌيءَ اندر گاڌي کي خط ۾ لکيو هو ته انڊيا پاڻ انڊس مان نڪتو آهي، جيئن ت?? اڄ جو پاڪستان آهي ته انهي حساب سان ڪشمير تاريخي طور تي پاڪستا?? جو حصو آهي. هن وڌيڪ چيو ته نريندر مودي جي شڪل ۾ ڀارتي حڪومت جو اصل انتهاپسند مڪروهه چهرو ظاهر ٿي ويو آهي جنهن مسلسل ڪشميرين جي حقن ت?? ڌاڙو هنيو آهي جنهن کي اسان رد ڪريون ٿا، عالمي دبيا چڱي ريت ڄاڻي ٿي ته ڪشمير هڪ تڪراري علائقو آهي جنهن ت?? گذريل 73 سال?? کان ڀارت شرمناڪ انسانيت ڪش ظلم ڪري رهيو آهي. سردار علي شاهه چيو ته دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ڪو به ظلم ٿئي اهو ظلم پوري انسانيت جي خلاف آهي ڀلي اهو ڪش۾ير ۾ ڀارت پاران ظلم هجي يا فلسطينين ت?? اسرائيل جي وحشياڻي انسانيت سوز ظلم هجي، اسان سڀ مظلوم قومن سان گڏ بيٺل آهيون. سردار شاهه چيو ته پاڪستان ڪڏهن به ڪا جنگ ناهي چاهي پر سدائين اسان ت?? جنگ مڙهي وئي آهي ۽ اها به ڀارت پاران ڪيل سرحدي قانونن جي خلاف ورزين جي ڪري اسان جا ??وجي جوان شهيد ٿي ويا آهن، اڄ به اسان جا ??عصوم ڪشميري ٻار ڀارتي ڪلسٽر بم?? جو نشانو بڻجي رهيا آهن جن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.
نريندر مودي هاڻي ڪشميرين تي وحشياڻو ظلم فوري طور تي بند ڪري: سيد سردار علي شاهه
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil