اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ي??رپ?? يونين جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي مضبوط لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ موسمياتي تبديلي ۽ قا??وني لڏپلاڻ سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ي??رپ?? يونين جي پاڪستان ۾ وفد جي ناظم الامور ٿامس سيلر وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ناظم الامور شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو ??نڀ??لڻ تي مبارڪباد ڏيندي ي??رپ?? ڪائونسل جي صدر ۽ ي??رپ?? يونين جي صدر پاران نيڪ خواهشون پهچايون. وزيراعظم ناظم الامور پاران مبارڪباد جي پيغام تي سندن ٿورا مڃيندي پاڪستان ۽ ي??رپ?? يونين ۽ ان جي ميمبر ملڪن جي وچ م لاڳاپن جي اهميت تي روشني وڌي. وزيراعظم پاڪستان ۽ ي??رپ?? يونين جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ مضبوط سيڙپڪاري لاڳاپا آهن، جن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ موسمياتي ۽ ليگل مائيگريشن سميت مخلف شعبن ۾ لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ٻنهي طرفن جي اعليٰ سطح جي وفدن جي باقاعدگي سان مٽاسٽا ٿئي ته جيئن خطي ۽ عالمي امن ۽ استحڪام سان لاڳاپيل معاملن جي ڏس ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ گهرو ۽ گڏيل تعاون ۾ وڌيڪ اضافو ٿئي. ي??رپ?? يونين جي ناظم الامور ي??رپ?? يونين جي پاڪستان سان گڏيل تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي عزم ج?? اظهار ڪيو. واضح رهي ته پاڪستان ۽ ي??رپ?? يونين هلندڙ سال پنهنجي سفارتي لاڳاپن جي 60 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن. ان سلسلي ۾ اسلام آباد ۽ برسلز ۾ تقريبون منعقد ڪيون وڃن.
پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي مضبوط لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاور بال کا ٹکٹ