اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گذريل سال جي حل ٿيل 15 لک شڪايتن مان شهرين جي ٻيهر شڪايتن تي 2 لک 29 هزار شڪايتن کي ٻيهر کولڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، شڪايتن کي نظرثاني جي لاءِ مجاز اعليٰ آفيسرن جي حوالي ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس پاران جاري ٿيندڙ پڌرائي موجب وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي ??هي ته صوبا??ي سطح تي نظرثاني جي نگراني لاڳ??پي?? چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي ڪن ۽ وفاقي سطح تي لاڳ??پي?? وزارت جا سيڪريٽري شڪايتن تي نظرثاني جا ذميوار هوندا. وزيراعظم وفاقي ادارن جي ڪل هڪ لک 7 هزار شڪايتن کي ٻيهر کولڻ جو پڻ حڪم ڏنو ??هي جڏهن ته صوبا??ي سطح تي 80 هزار شڪايتون پنجاب حڪومت جي ماتحت ادارن جون آهن. وزيراعظم آفيس پاران اهو به ٻڌايو ويو ??هي ته خيبرپختونخواهه حڪومت جي ماتحت ادارن جي 27 هزار شڪايتن کي کوليو ويندو ۽ سنڌ صوبي جي 15 هزار، بلوچستان جي 3 هزار، آزاد ڪشمير جي 1100 شڪايتن تي نظرثاني ٿيندي، گلگت بلتستان ۾ 400 شڪايتن کي ٻيهر کوليو ويندو، شڪايتون ميونسپل سروسز، بجلي ۽ گئس، مواصلات ۽ تعليم جي شعبي بابت آهن، وزيراعظم آفيس جي هدايت ۾ چيو ويو ??هي ته شڪايتن تي نظرثاني ڪري لاڳ??پي?? اعليٰ آفيسر رپورٽ جمع ڪرائين.
وزيراعظم پاران حل ٿيل 15 لک شڪايتن مان 2 لک 29 هزار شڪايتن کي ٻيهر کولڻ جو حڪم
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری