اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيه?? وزير شاهه محمود قريشي سان ايران جي سندس هم منصب حسين امير عبداللهيان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ٻنهي پرڏيه?? وزيرن جي وچ ۾ علائقائي خاص طور تي افغانستان جي پيدا ٿيندڙ صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اير??ني پرڏيه?? وزير پنهنج?? پاڪست??ني هم منصب مخدوم شاهه محمود قريشي کي ايندڙ هفتي ته??ان ۾ متوقع افغانستان جي ويجه?? پاڙيسري ملڪن ج?? وزارتي سطح جي ٻئي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. پرڏيه?? وزير علائقائي سطح تي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان جي قدم جي مڪمل تائيد ۽ حمايت تي اير??ني پرڏيه?? وزير جا ٿورا مڃيندي ان اهم اجلاس جي وقت سر منعقد ڪرڻ تي اير??ني پرڏيه?? وزير کي مبارڪباد ڏني. پرڏيه?? وزير مخدوم شاهه محمود قريشي اميد ظاهر ڪئي ته افغانستان جي ويجه?? پاڙيسري ملڪن جو اجلاس منعقد ڪرڻ ۽ گڏيل ڳالهه ٻولهه سان علائقائي سطح تي تعاون کي مستحڪم بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته افغانستان جي حوالي سان اسان جي موقف ۾ هڪ جهڙائي ۽ هم آهنگي خوش آئنده آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ علائقائي سطح تي تعاون لازمي آهي. افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ معاشي بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي.
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ايران جي سندس هم منصب جو ٽيليفونڪ رابطو، افغانستان صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : رومن دولت