اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان افغان حڪومت ۽ طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. دنيا ۾ امن لاءِ پاڪ??تا?? جي خد??تن کي تاريخ جي سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو. عمران خان ازبڪ??تا?? ۾ اشرف غني کي سمجهائڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي پر هو غلط فهمي جو شڪار رهيو. اسان ته ڪنهن جي زمين تي پاڪ??تا?? ۾ مداخلت ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ اسين پنهنجي زمين جي لاءِ ڪنهن ٻئي ملڪ جي مداخلت برداشت نه ڪنداسين. افعان??تا?? پنهنجي مسئلن کي خود حل ڪري ڇاڪاڻ ته پرامن افغان??تا?? ئي پاڪ??تا?? لاءِ ضر??ري آهي. طورخم ۽ چمن بارڊر تي بلڪل امن ۽ سڪون آهي پر ڀارتي ميڊيا طرفان غلط بياني ڪئي وئي جنهن جي ترديد ڪيون ٿا. افغان??تا?? ۾ طالبان کي تسليم ڪرڻ يا نه ڪرڻ وزيراعظم عمران خان ۽ پرڏيهي وزارت جو فيصلو آهي.
اهڙو اظهار هن اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. شيخ رشيد احمد چيو ته وزيراعظم عمران خان کي مبارڪباد ڏيان ٿو اڄ اسان جي حڪومت کي 3 سال پورا ٿي ويا آهن ۽ آئينده 2 سال پڻ عوام جي ڀرپور خدمت ڪنداسين. وزيراعظم عمران خان ازبڪ??تا?? ۾ اشرف غني کي سمجهائن جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي پر هو غلط فهمي جو شڪار آهي. هو هر ڪرپٽ ماڻهو ملڪ مان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. گهرو وزير ٻڌايو ته وزارت جي سموري عملي کي هدايت ڪئي آهي ته ڇهن هفتن اندر ويزا ڏيڻ واري عمل کي مڪمل ڪن. مگر وزيراعظم عمران خان هدايت تي اهو عمل هڪ ڏينهن ۾ مڪمل ڪيو ويو. جنهن ۾ سمورن سفارتڪارن، پرڏيهي ميڊيا کي ويزا ڏنا ويا ۽ سرڪاري موڪلن ۾ پڻ وزارت جون سموريون آفيسون کليل رهيون، جنهن ۾ آفيسر ۽ عملو ڪم ڪري رهيا آهن.
شيخ رشيد چيو ته پاڪ??تا??ين جون 3 بسون طورخم بارڊر تان گذريل ڏينهن صبح جو ڪليئر ڪيون ويون جڏهن ته ٻيا جيڪي به پاڪ??تا??ي اتي موجود آهن انهن سان افغاني خاندان آهن ۽ انهن کي به سهولتون ڏئي رهيا آهيون. هن وقت 900 سفارتڪارن ۽ عملي جي 613 پاڪ??تا??ين کي هتي کڻي آيا آهيون. جيڪو ماڻهو افعان??تا?? مان پاڪ??تا?? ۾ داخل ٿي رهيو آهي ان کي رجسٽرڊ ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اسان نه ته ڪنهن جي زمين تي پاڪ??تا?? ۾ مداخلت ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ نه ئي اسان پنهنجي زمين تي ڪنهن ٻئي ملڪ جي مداخلت برداشت ڪنداسين.