اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ماضي ۾ جنگيون طاقت جي زور تي وڙهيون وينديون هيون، هاڻي عوامي راءِ جي جنگ وڙهي وڃي ٿي، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان 70 هزار جانين جون قربانيون ڏنيون پر اڄ تائين ان تي ڪو ڪتاب ناهي لکيو ويو، ميڊي?? جو منظرنامو ڪافي حد تائين سگهه اختيار ڪري چڪو آهي، اڄ ڊيجيٽل ميڊيا ايڊورٽائيزمينٽ 25 ارب روپين تائين پهچي وئي آ??ي، فيس بڪ ۽ گوگل پاڪستان مان 7.5 ارب روپين جي اشتهارن جو بزنس ڪيو، رجحان بدلجي رهيو آهي، ميڊيا ۾ ٽيڪنالاجي جي مداخلت سبب ڪجهه جاين تي نوڪريون ختم ٿيون ۽ ڪجهه نيون ملازمتون پيدا ٿيون، اسان کي پنهنجو ??وق?? دنيا جي سامهون پيش ڪرڻ ۽ ميڊيا ۾ ترقي جي لاءِ ڊيجيٽل ميڊيا تي ڌيان ڏيڻو پوندو، ملڪ ۾ موجود 42 جرنلزم اسڪولن ۾ 1960ع جو نصاب پڙهايو پيو وڃي جڏهن ته ٻاهرئين دنيا ۾ لائٽس ۽ سائونڊز ۾ ماڻهن پي ايڇ ڊي ڪري رکي آ??ي، اسان وٽ پري پري تائين اهڙا ماڻهو ميسر نه آهن، ميڊيا جي ترقي لاءِ پهريون ڀيرو ميڊيا ٽيڪنالاجي يونيورسٽي ٺاهي پئي وڃي، ميڊيا ٽيڪنالاجي يونيورسٽي ۾ ايني ميشن، ويزوئل ايفيڪٽس، فلم سازي، ڪئميرا ورڪ سميت ميڊيا جي مختلف شعبن بابت تعليم ڏني ويندي، ميڊيا ۾ 1500 انٽرن شپس ڏنيون وينديون، پي ٽي وي کي ايڇ ڊي ۽ ريڊيو جي نشريات انٽرنيٽ تي منتقل ڪئي وئي آ??ي، ڪيبل آپريٽرز جي لاءِ ڊيجيٽل ڪيبل پاليسي منظور ڪئي وئي، ڪيبل آپريٽرز کي ڪامياب جوان پروگرام تحت قرض ڏنا ويندا ته جئين اهي پنهنجي صارفين کي ڊيجيٽل ڪيبل فراهم ڪري سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي نيشنل ميڊيا ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين چيو ته ميڊيا جي مختلف طريقن جي وچ ۾ فرق ختم ٿي چڪو آهي، اڄ ٽي وي ۽ اخبار جي جاءِ موبائيل فون وٺي ڇڏي آ??ي، هاڻي موبائيل فون ئي اسان جي اخبار، سوشل ميڊيا ۽ فلم جو ذريعو آهي. وفاقي وز??ر چيو ته پيمرا وٽ ڏنڊ وجهڻ جي وڌ کان وڌ حد 10 لک روپيا آهي، موجوده دور ۾ خاص طور تي وڏن ادارن جي لاءِ ڏنڊ نه هجڻ جي برابر آهي. هن چيو ته دنيا ۾ ائين نٿو ٿي سگهي ته سي اين اين آمريڪ?? جو سڀ کان وڏو ٽي وي چينل هجي ۽ اهو ئي سڀ کان وڏي اخبار به هلائي رهيو هجي، هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪجهه اهڙا ادارا آهن جن ميڊيا جا چئنلز ٺاهيا پر حقيقت ۾ انهن جو ڪاروبار ڪجهه ٻيو آهي، ميڊيا ادارن ۾ سيٺ جي ڪردار جي ڪري جنهن منظم ميڊيا کي اڳتي وڃڻ گهربو هو اها نه وڃي سگهي. چوڌري فواد حسين چيو ته هن وقت اٽڪل 7 اهڙا چينلز آهن جيڪي غيرقانوني آ??ن، انهن چينلز تفريحي چينل يا ايجوڪيشن چئنل لائسنس حاصل ڪيو ۽ اهي نيوز چئنل هلائي رهيا آهن جڏهن ته انهن چينلز عدالتن مان منع نامو به حاصل ڪري رکيو آهي، هن چيو ته اسان کي پنهنجي ريگيوليشن فريم ورڪ کي مضبوط ڪرڻو پوندو. وفاقي وز??ر چيو ته مون 2018ع ۾ چيو هو ته چينلز کي ڊيجيٽل نه ڪيو ويو ته ان سان ميڊيا جي صنعت ۾ بحران پيدا ٿيندو. ان وقت ايف بي آر کي خط لکي چيو ته ڊيجيٽل ميڊيا ايڊورٽائيزمينٽ چار ارب روپيا آهي، ايندڙ پنج سالن ۾ اها 12 ارب کان 16 ارب روپين تائين پهچي ويندي، ان لاءِ ريگوليشنز ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اڄ ڊيجيٽل ميڊيا ايڊورٽائيزمينٽ 25 ارب رپين تائين پهچي وئي آ??ي، فيس بڪ ۽ گوگل پاڪستان مان 7.5 بلين روپين جا اشتهار ورتا، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته رجحان تبديل ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ڊيجيٽل ميڊيا جي سائيز به وڌي رهي آ??ي، هن ٻڌايو ته هڪ نجي اخبار 15 آفيسون ختم ڪري ڪراچي ۾ هڪ هيڊ آفيس قائم ڪئي ۽ 16 آفيسن جو ڪم هڪ آفيس ۾ ٿيڻ لڳو، چوڌري فواد حسين چيو ته ٽيڪنالاجي ميڊيا ۾ خلل ته وڌو آهي پر ٻئي طرف سوين ماڻهن جي لاءِ نوڪرين جا موقعا پيدا به ٿيا آهن، ماڻهن يوٽيوب ۽ ويب سائيٽس تي روزگار حاصل ڪيو، هڪ طرف روزگار ختم ٿيو ته ٻئي طرف روزگار جا موقعا به پيدا ٿيا. وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين چيو ته ماضي ۾ اطلاعات واري وزارت کي حڪمران پارٽي جو ترجمان بڻايو ويو هو، اڄ اطلاعات واري وزارت رياست جي ترجمان جي حيثيت سان ڪم ڪري رهي آ??ي، هن وڌيڪ چيو ته سي اين اين نور مقدم ڪيس جي حوالي سان هڪ رپورٽ جاري ڪئي آ??ي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان عورتن جي لاءِ محفوظ ملڪ نه آهي، جڏهن اسان انگ اکر حاصل ڪيا ۽ کين ٻڌايو ته آمريڪا ۾ عورتن جي خلاف ظلم پاڪستان کان ڏهوڻ تي وڌيڪ آهن، هن چيو ته اسان جو ??وق?? اهي شايع نه ٿا ڪن. هن چيو ته ماضي ۾ جنگيون طاقت جي زور تي وڙهيون وينديون هيون، پر هاڻي عوامي راءِ جون جنگيون وڙهي پيون وڃن. اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان 70 هزار جانين جون قربانيون ڏنيون پر اڄ تائين ان تي ڪو به ڪتاب ناهي لکيو ويو ۽ نه ئي اهڙي ڪا فلم ٺاهي وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو هجي ته اسان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ڪهڙيون قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته فلم ۽ ٽي وي جي حوالي سان اسان کي پنهنجي سوچ بدلائڻي پوندي، اسان کي نئين ريگوليشنز آڻڻي پوندي. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي اڳتي وڌڻ جي لاءِ سڀ کان پهرين ڊيجيٽل ميڊيا تي ڌيان ڏيڻو پوندو. چوڌري فواد حسين چيو ته هن وقت 25 ارب روپين جي ڊيجيٽل ايڊورٽائيزمنٽ آهي، ايندڙ پنج سالن ۾ يقينن اسان جي ايڊورٽائيزمنٽ جي بجيٽ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ هوندي، رسمي ايڊورٽائيزمنٽ ۽ ڊيجيٽل ايڊورٽائيزمنٽ جي بجي?? ٻن سالن ۾ اپ سيٽ ٿي ويندي، رسمي ايڊورٽائيزمنٽ هيٺ ايندي ۽ ڊيجيٽل ايڊورٽائيزمنٽ مٿي ويندي. وفاقي وز??ر چيو ته ڊيجيٽل ميڊيا جي ترقي جو مطلب اهو ناهي ته اخبارون ۽ ٽي وي ختم ٿي وينديون، هن چيو ته مستقبل ۾ اسان جا ٻار ٽي وي بدران ليپ ٽاپ ۽ فون کي اهميت ڏيندا. اطلاعات واري وز??ر چيو ته دنيا ۾ لائٽس ۽ سائونڊز ۾ ماڻهن پي ايڇ ڊي ڪري رکي آ??ي جڏهن ته اسان وٽ پري پري تائين اهڙا ماڻهو ميسر ناهن، هن چيو ته ان شعبي ۾ ترقي جي لاءِ پهريون ڀيرو ميڊيا ٽيڪنالاجي يونيورسٽي ٺاهي رهيا آهيون، برطانيه جي بورن موٿ يونيورسٽي به ان ۾ اسان سان حصيداري ڪري رهي آ??ي. هن چيو ته ميڊيا ٽيڪنالاجي يونيورسٽي ۾ ايني ميشن، ويزوئل ايفيڪٽس، فلم سازي، ڪئميرا ورڪ بابت تعليم ڏني ويندي. اطلاعات واري وفاقي وز??ر ٻڌايو ته ملڪ ۾ جرنلزم جا 42 اسڪول آهن، انهن ۾ 1960ع جو نصاب پڙهايو پيو وڃي، هن چيو ته اسان کي ان نصاب کي جديد رخن تي هموار ڪرڻو پوندو، چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته اسان پي ٽي وي ۾ 200 انٽرن شپس، اي پي پي ۾ 500 انٽرن شپس ۽ ڊيجيٽل ميڊيا ونگ ۾ 300 انٽرن شپس ڏئي رهيا آهيون، ميڊيا ۾ مجموعي طور تي 1500 انٽرن شپس ڏنيون وينديون، هن ٻڌايو ته اسان ماضي ۾ ڪيل غلطين کي ختم ڪري رهيا آهيون، اسان گذريل ٽن مهينن دوران وڏا ريفارمز ڪيا جنهن تي اسان کي فخر آهي، هن چيو ته پي ٽي وي کي ايڇ ڊي ڪيو ويو جڏهن ته ريڊيو جي نشريات انٽرنيٽ تي منتقل ڪئي وئي آ??ي، ان کانسواءِ اسان ڊيجيٽل ڪيبل پاليسي جي منظوري ڏني آ??ي، هن ٻڌايو ته هن وقت اڪثر ڪيبل اينا لاگ آهي، اسان جا چار هزار ڪيبل آپريٽرز آهن جنهن جا ٻه ڪروڙ صارفين آهن، انهن صارفين مان ڏيڍ ڪروڙ صارفين اهڙا آهن جيڪي اينالاگ ڪيبل استعمال ڪري رهيا آهن جڏهن ته 50 کان 60 لک صارفين ڊيجيٽل ڪيبل تي آ??ن، هن ٻڌايو ته اسان ڪيبل آپريٽرز کي ڪامياب جوان پروگرام تحت قرض ڏينداسين ته جيئن اهي پنهنجي صارفين کي ڊجيٽل ڪيبل فراهم ڪري سگهن. هن چيو ته اسان سبسڪرپشن جو ماڊل به متعارف ڪرائي رهيا آهيون، اسان وٽ انگريزي چينلز نه هجڻ جو هڪ اهو سبب آهي ته ان جي سبسڪرپشن نه آهي، هن مثال ڏنو ته لياري ۾ باڪسنگ جو ٽورنامينٽ ٿي رهيو هجي شايد اهو پوٺوهار جي ماڻهن جي لاءِ دلچسپي جو سبب نه هجي پر لياري جا ماڻهو ان ۾ دلچسپي رکندا تنهن ڪري لياري جو مقامي ڪيبل آپريٽر اهو ٽورنامينٽ خريد ڪري پنهنجي صارفين کي سبسڪرپشن جي ذريعي ڏيکاري سگهي ٿو، ان سان ميڊيا جي منظرنامي ۾ هڪ وڏي تبديلي ايندي، وفاقي وز??ر ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن جي سوالن ج?? جواب به ڏنا.
ماضي ۾ جنگيون طاقت جي زور تي وڙهيون وينديون هيون، هاڻي عوامي راءِ جي جنگ وڙهي وڃي ٿي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں