اسلام آباد – 11 آڪٽوبر (اي پي پي) وز??راعظم عمر??ن خان موٽروي ريسٽ ايرياز ۾ شين جي وڌيڪ قيمتن تي شهرين جي شڪايتن جو نوٽيس ورتو آهي، وڌيڪ قيمتن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وز??راعظم چيو ته ناجائز منافعي خورن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. وز??راعظم ڊي??يوري يونٽ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم عمر??ن خان سٽيزن پورٽل تي شهرين جي موٽروي ريسٽ ايرياز ۾ شين جي وڌيڪ قيمتن جي حوالي سان شڪايتن جو نوٽيس ورتو آهي. وز??راعظم ڊي??يوري يونٽ مواصلات واري وزارت، اين ايڇ اي ۽ آءِ جي موٽروي کي خط لکيو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته موٽروي ريسٽ ايري??ز تي قيمتن جي مانيٽرنگ جي لاءِ خصوصي ٽيمون لڳايون وڃن، ٽيمون موٽروي ريسٽ ايري??ز تي ڏينهن ۽ رات باقاعدگي سان ڇ??پا هڻن. ٽيمون ضرورت موجب ضلعي انتظاميا کان ڪنهن به وقت مدد وٺي سگهن ٿيون. موٽروي ريسٽ ايري??ز تي وڌيڪ قيمتن جي خلاف فوري ۽ سخت ايڪشن ورتو وڃي، موٽروي ريسٽ ايري??ز تي مسافرن ۽ سياحن جي آگاهي جي لاءِ بينرز هنيا وڃن.
وزيراعظم موٽروي ريسٽ ايرياز ۾ شين جي وڌيڪ قيمتن تي شڪايتن جو نوٽيس وٺي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل