اسلام آباد – 16 جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ان فلسطيني رياست جو خواهشمند آهي جيڪا 1967ع کان اڳ هئي ۽ جنهن جي گادي وارو شهر القدس هو، ان تي ??ڻت?? ۽ ابهام جي ڪا گنجائش نه آهي، ڪشمير تي اسان جو موقف اهو ئي آهي جيڪو ماضي جي حڪومتن جو هو، ان تي قومي اتفاق راءِ آهي، پارلياماني اتفاق راءِ جي لاءِ هڪ پارلياماني ڪشمير ڪميٽي ٺاهڻ وڃي رهيا آهيون، ڪشمير ۾ 5 آگسٽ جي ڀارتي قدم کي پاڪستان تسليم نه ٿو ڪري، ڀارت جي سلامتي ڪائونسل جي مستقل ??يمبر بڻجڻ جو سوال ئي نه آهي، غيرمستقل ??يمبر پاڪستان ۽ ڀارت 7، 7 ڀيرا رهيا آهن هاڻي ڀار?? جڏهن ته 2026ع ۾ پاڪستان اٺون ڀيرو غيرمستقل ??يمبر جي مهم شروع ڪري رهيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ خواجه محمد آصف پاران اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته آئون واضح طور تي چوان ٿو ته جن خدشن جو اظهار خواجه آصف ڪيو آهي انهن ۾ ڪا حقيقت نه آهي. اهو چيو ويو ته عرب ملڪن جي موقف ۾ تبديلي آئي آهي، پاڪستان مسلمان ملڪن جي اثر هيٺ اچي ڪٿي پنهن??ي پاليسي تي نظرثاني نه ڪري رهيو هجي ته ائين هرگز نه آهي.
پاڪستان ان فلسطيني رياست جو خواهشمند آهي جيڪا 1967ع کان اڳ هئي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria