اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري وفاقي وزير بئريسٽر سيد ع??ي ظفر چيو آ??ي ته قانون موجب ڪارروائي جاچ ادارن جو حق آهي، اهي ڪارروايون چونڊن تي اثرانداز نه ٿينديون، جيڪڏهن ڪنهن کي جاچ ادارن جي ڪارروائي سان اختلاف آ??ي ته اهو اعليٰ عدليه سان رجوع ڪري سگهي ٿو. هو اڪيڊمي ادبيات پاڪستان جي اهتمام هيٺ پاڪستابي ادب جا 70 سال جي موضوع تي قومي ادبي سيمينار کي خطاب ۽ بعد ۾ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. وفاقي وزير سيد ع??ي ظفر هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان پوري قوم کي يقين ڏياريون ٿا ته 25 جولاءِ 2018ع تي ئي عام چونڊون ٿينديون، نگران حڪومت جي اها ذميواري آ??ي ته ايندڙ عام چونڊن کي صاف، شفاف، پرامن ۽ غيرجانبداراڻو بڻايون. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو به جاچ ادارو قانون ۽ آئين موجب ڪارروايون ڪري رهيو آ??ي ته اهو ان جو حق آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي جاچ ايجنسي کان ڪا شڪايت آ??ي ته اهو هاءِ ڪورٽ يا سپريم ڪورٽ جي فورم سان رجوع ڪري سگهي ٿو.
قانون موجب ڪارروائي جاچ ادارن جو حق آهي: سيد علي ظفر
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن