اسلام ??باد – 19 اپريل (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻين ملڪن سان سياسي، معاشي ۽ واپاري ??اڳ??پن ۾ اضافي تي ڌيان ڏنو وڃي. هن اها ڳالهه ڏکڻ آفريقا جي لاءِ نامز هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر سهيل خان سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ڊاڪٽر سهيل خان کي هاءِ ڪمشنر مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان جي ڏکڻ آفريقا سان 1994ع کان سفارتي ??اڳ??پا آهن، هن نامزد هاءِ ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته ٻنهي ملڪن جي ??اڳ??پن کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ واپار جي فروغ تي زور ڏي، صدر وڌيڪ چيو ته ڏکڻ آفريقا جي مينوفيڪچرنگ ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ت??ربن مان فائدو کڻڻ گهرجي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز