اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ٽين ڪميٽي پاڪستان طرفان والاريل علائقن جي ماڻهن جي خوداراديت واري حق جي حوالي سان پيش ڪيل ٺهراءَ جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جنهن ۾ خوداراديت واري حق جي اصولن جي حوالي سان عالمي عزم جي تجديد ڪئي وئي آهي. پاڪستان چيو آهي، ته ان جو ڌيان هڪ اهڙي دنيا ٺاهڻ تي آهي جتي هر ڪو ظلم کان پاڪ، وقار سان رهي سگهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم گذريل ڏينهن 65 ملڪن جي سهڪار سان سماجي، انساني ۽ ثقافتي مسئلن سان لاڳاپيل جنرل اسيمبلي جي ٽين ڪميٽي ۾ اهو ٺهراءُ پيش ڪيو جنهن کانسواءِ راءِ شماري کي گڏيل طور منظور ڪيو و??و. پاڪستان ان ٺهراءَ کي 1981 سان اسپانسر ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ دنيا جو ڌيان انهن م??ڻهن فلسطين ۽ ڪشمير جي ماڻهن سميت ڌيان ڇڪايو و??ندو آ??ي ته جي جواب به پنهنجي خوداراديت واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. اميد آ??ي ته ٺهراءَ جي متن جي توثيق لاءِ ا??ند?? مهيني جنرل اسيمبلي ۾ پيش ڪيو و??ندو. ٺهراءَ جي شرطن تحت جنرل اسيمبلي ۾ پرڏيهي فوجي مداخلت ۽ قبضي جي ڪارروائين خلاف واضح موقف جو اعلان ڪندي جيڪو ماڻهن ۽ قومن جي خوداراديت واري حق کي دٻائڻ لاءِ ذميوار رياستن تان انهن قدمن کي روڪڻ جو مطالبو ڪندي. پاڪستاني نمائندي ٺهراءُ پيش ڪندي چيو آ??ي ته ان جو مقصد هڪ اهڙي دنيا جي جوڙجڪ آهي جتي هر قوم، هر برادري ۽ هر ماڻهو و??ار سان رهي، جبر کان آزاد ۽ پنهنجي مستقبل جو تعين ڪرڻ جي صلاحيت سان زندگي گذاري سگهجي. هن چ??و ته خوداراديت، گڏيل قومن جي چارٽر ۾ داخل هڪ بنيادي اصول طور ڪيترن ئي عالمي دستاويزن سميت شهري ۽ سياسي حقن جا عالمي معاهده ۽ سماجي ۽ ثقافتي حقن جا معاهده داخل ڪيا ويا آهن جن ۾ شهري ۽ سياسي حقن جا عالمي معاهده ۽ سماجي ۽ ثقافتي حقن جو عهد شامل آهي. هن چ??و ته ڪيترن ئي ڏهاڪن دوران لکين م??ڻهن ان حق جو استعمال ڪيو، پاڻ ڪي نئين آبادي واري قبضي ۽ پرڏيهي قبضي مان آزاد ڪرايو، ڪيتريون خودمختيار رياستون ٺاهيون جيڪي هاڻي هن اسيمبلي جا ميمبر آهن. هن چ??و ته اسان م??ن اهي ماڻهو جيڪي خوداراديت واري حق جي استعمال ذريعي آزاد ٿيا آهن، انهن م??ڻهن جي حالت زار کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي جن کي خوداراديت وارو حق ۽ آزادي ڏيڻ کان بيدردي سان انڪار ڪيو و??و آهي. هن چ??و ته پرڏيهي قبضي سبب ڪجهه حالتن ۾ اسان فوجي ڏاڍ، آبادياتي شرح ۾ تبديلي ۽ بنيادي آزادين کي دٻائڻ ذريعي خوداراديت کان منظم انڪار جو مشاهدو ڪيون ٿا، هي قدم عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهن ۽ عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آهن. هن چ??و ته هي ٺهراءُ خوداراديت واري حق جي عالمگيريت ۽ ناقابل تقسيم هئڻ جي تصديق ڪري ٿو، هن ظلم خلاف جدوجهد ڪندڙ ماڻهن جي برداشت کي تسليم ڪندي انهن م??ڻهن لاءِ يڪجهتي ۽ حمايت جو اطهار ڪيو جيڪي قبضي ۽ محڪوميت کي برداشت ڪري رهيا آهن. ٺهراءَ جي مسودي جي شرطن تحت جنرل اسيمبلي نئين آبادياتي ۽ پرڏيهي قبضي کي منهن ڏ??ند?? ماڻهن جي حقن سميت خوداراديت واري حق کي بنيادي انساني حقن جي اثرائتي ضمانت ۽ عمل درآمد لاءِ بنيادي شرط هئڻ جي توثيق ڪئي ويندي. ٺهراءَ ۾ جنرل اسيمبلي جي پرڏيهي فوجي مداخلت، جارحيت ۽ قبضي جي ڪارروائين جي شديد مخالفت جو به اعلان ڪيو و??و، ڇو ته ان جي نتيجي ۾ ۾ دنيا جي ڪجهه حصن ۾ ماڻهن جي خودراديت واري حق ۽ ٻين انساني حقن کي دٻايو و??و آهي. ٺهراءَ ۾ ان جي ذميدار رياستن کان م??البو ڪيو و??و آهي، ته هو پرڏيهي ملڪن ۽ علائقن ۾ پنهنجي فوجي مداخلت ۽ قبضي سان گڏوگڏ جبر، امتيازي سلوڪ، استحصال ۽ بدسلوڪي جي سمورن ڪارروائين فوري طور بند ڪيون وڃن. جنرل اسيمبلي انهن لکين پناهگيرن ۽ بي گهر ماڻهن جي حالت تي به افسوس جوا ظهار ڪندي جيڪي انهن ڪارروائين جي نتيجي ۾ بي گهر ٿيا آهن ۽ انهن جي حفاطت ۽ عزت سان رضاڪاراڻي طور پنهنجي گهرن ڏانهن واپس وڃڻ جي حق جي توثيق ڪندي. ٺهراءَ ۾ انساني حقن جي ڪائونسل تي زور ڀريو و??و آهي، ته هو پرڏيهي فوجي مداخلت، جارحيت يا قبضي جي نتيجي ۾ انساني حقن خاص ڪري خوداراديت واري حق جي پائمالي تي خاص ڌيان ڏئي. ٺهراءَ ۾ سيڪريٽري جنر ل کان خوداراديت واري حق جي معاملي تي جنرل اسيمبلي جي ا??ند?? اجلاس ۾ رپورٽ ڪرڻ جي به درخواست ڪئي وئي آهي.
پاڪستان طرفان خوداراديت واري حق جي توثيق جو ٺهراءَ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ڪميٽي گڏيل طور منظور ڪري ورتو
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا