واشنگٽن -03 جولائي (اي پي پي ) آمريڪا جلد يو??رين کي واڌو ٻه ارب 30 ڪروڙ ڊالرن جي فوجي امداد فراهم ڪندو. اها ڳالهه آمريڪي دفاع واري وزير لائيڊ آسٽن پينٽاگون ۾ پنهنجي يو??رين جي هم منصب رستم عمروف سان ملاقات دوران چئي. آمريڪي دفاع واري وزير ان موقعي تي چيو ته هو واشنگٽن ۾ ايندڙ هفتي ٿيندڙ نيٽو سربراهي اجلاس ۾ يو??رين لاءِ نيٽو جي رڪنيت جو رستاکولڻ جا قدم کڻنداسين. رائٽرز موجب آمريڪي دفاع واري وزير چيو ته نئين فوجي امداد تحت يو??رين لاءِ جديد ترين هٿيارن جي پيڪج ۾ ٽينڪ شڪن هٿيار ۽ ايئر ڊفينس انٽر سيپٽرز اين اي ايس ۽ پيٽرياٽ ايئر ڊفينس انٽر سيپٽرز شامل هوندا. آمريڪا 2022ع کان يو??رين کي 50ارب ڊالرن کان به وڌيڪ ماليت جي فوجي امداد فراهم ڪئي آهي پر 5 نومبر جي صدارتي چونڊن ۾ ??ون??ڊ ٽرمپ جي کٽڻ جي صورت ۾ يو??رين لاءِ آمريڪي امداد جي مستقبل بابت خدشا پيدا ٿي رهيا آهن. ٽرمپ جي ٻن اهم مشيرن ان کي هڪ اهم منصوبو پيش ڪيو آهي ته جيڪڏهن هو صدارتي چونڊون کٽي ويو ته يو??رين جنگ ختم ڪري ڇڏينداسين ان ۾ يو??رين کي ٻڌائڻ شامل آهي ته ان کي وڌيڪ آمريڪي هٿيار رڳو ان صورت ۾ ملندا جڏهن هو روس سان امن جون ڳالهيون شروع ڪندو. ان تجويز سان جنگ ب??بت آمريڪي پوزيشن ۾ هڪ وڏي تبديلي اچي سگهي ٿي ۽ ان کي يورپي اتحادين ۽ ٽرمپ جي پنهنجي ريپبلڪن پارٽي جي اندر مخالفت کي منهن ڏيڻو پئجي سگهجي ٿو. يو??رين جي دفاع واري وزير رستم عمروف ٽيلي گرام ميسيجنگ ايپ تي پوسٽ ڪيل بيان ۾ نئين فوجي امداد جي فراهمي جي فيصلي تي آمريڪا جو شڪريو ادا ڪيو. يو??رين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي ان موقعي تي ان اميد جو اظهار ڪيو ته نيٽو جي ايندڙ سربراهي اجلاس ۾ يو??رين کي دفاعي اتحاد جي رڪنيت ڏيڻ جي معاملي تي اڳڀرائي ٿيندي.
آمريڪا جلد يوڪرين کي ٻه ارب 30 ڪروڙ ڊالرن جي امداد فراهم ڪندو: آمريڪا
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی