گڏيل قومون -03 مئي (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوترش چيو آهي، ته صحافين تي حملا سڄي دنيا ۾ صحاف?? جي آزادي لا??ِ خطرو آهن، گڏيل قومن جي سربراهه جو اهو بيان صحاف?? جي عالمي ڏينهن جيڪو هر سال 3 مئي تي ملهايو ويندو آهي جي موقعي تي سامهون آيو آهي. هن چيو ته آزاد صحافت جمهوريت ۽ انصاف جي بنياد تي آهي، صحافت اسان سڀني سامهون حقيقتون فراهم ڪري ٿ?? جڏهن ته دنيا جي هر ڪنڊ ۾ صحاف?? جي آزادي تي حملا ٿي رهيا آهن، ان پيغام جي ويڊيو جنرل اسيمبلي جي هال ۾ صحاف?? جي عالمي ڏينهن جي 30هين سالگره جي موقعي تي منعقد ٿيل تقريب دوران هلائي وئي، جنهن ۾ سڄي دنيا جي مشهور صحافين، ميڊيا، انساني حقن جي تنظيمن جي سربراهن شرڪت ڪئي، تقريب دوران ٻڌايو ويو ته 2022ع صحافت لا??ِ خطرناڪ سال ثابت ٿيو جنهن دوران 86 صحافي مارجي ويا جڏهن ته سوين صحافين کي قيد ڪيو ويو ۽ انهن تي حملا ڪيا ويا، هن چيو ته سائبر اسپيس ۾ صحافين تي پڻ حملا ٿي رهيا آهن. هن چيو ته نيٽ معلومات ۽ اظهار جا نوان رستا کوليا آهن پر ان جو غلط معلومات ۽ سازشي نظرين لاءِ پڻ استعمال ٿي رهيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته ميڊيا کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو پوندو ته پيش ڪئي ويندڙ عوام جي ڀلائي لاءِ هجڻ گهرجي.
صحافين تي حملا سڄي دنيا ۾ صحافت جي آزادي لاءِ خطرو آهن: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا