انقره، دمشق- 6 فيبروري(اي پي پي) ترڪيه ۽ شام ۾ 7.8 شدت جي زلزلي سبب فوت ٿي ويلن ج?? انگ 500 ٿي ويو آهي. برطانوي خابرو اداري مطابق ترڪ نائب صدر چيو آهي ته ملڪ ۾ زلزلي سبب هاڻي تائين 284 فوتگين ج?? تصديق ٿي آهي جڏهن ته 2323 ڄڻا زخمي ٿيا آهن. ٻئي پاسي شام جي صحت وزارت جو چوڻ آهي ته هاڻي تائين زلزلي سبب 237 ڄڻا فوت ۽ 600 کا?? وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. ترڪ حڪ??مت هنگامي حالتون لاڳو ڪ??دي عالمي امداد جي اپيل ڪئي آهي. ٻنهي ملڪن ۾ زلزلي جي شديد تباهي بعد امدادي سرگرميون جاري آهن. واضح رهي ته زلزلي جي لوڏن سان ترڪيه جي گهٽ ۾ گ??ٽ 10 شهرن ۾ ڪيتريون ئي عمارتون ڪري تباه ٿيون آهن ۽ ٻنهي ملڪن ۾ ڀنجهو هيٺ دٻيل ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن. ترڪ حڪ??مت هنگامي حالتن ج?? اعلان ڪندي عوام کي اپيل ڪئي آهي ته هو موبائيل فون استعمال نه ڪن ته جئين امدادي ڪارڪنن کي رابطن ۾ مشڪلاتون پيش نه اچن.
ترڪيه ۽ شام ۾ 7.8 شدت جو زلزلو، 500 ڄڻا فوت، هزارين زخمي
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار