رياض-07 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزير ڊاڪٽر توفيق الربيعه چيو آهي ته مملڪت ۾ هن وقت تائين 12 لک حج پانڌيئڙا پهچي چڪا آهن. العربيه موجب ڊاڪٽر توفيق الربيعه پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته سعودي عرب جعلي حج آپريشنز جي خطرن کا?? آگاهي لاءِ عالمي مهم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، حج پانڌيئڙن جي سهولت لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪ??ون ويون آهن. هن چيو ته حج پانڌيئڙن جي مجموعي صحت لاءِ صحت جا ادارا بهترين طريقي سان خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. حج واري وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته هلندڙ سال حج معاملن کي بهتر انداز ۾ مڪمل ڪرڻ لاءِ 50 کا?? وڌيڪ سرڪاري ادارن سان شراڪت ڪئي ??ئي آهي جڏهن ته 11 ملڪن جو دورو ڪري اتي حج معاملن جي حوالي سان معاملا طئي ڪيا ويا هئا. هن چيو ته 126 ملڪن جي شهرين کي ا??ا سهولت فراهم ڪئي ??ئي آهي ته اهي بنا ڪنهن ايجنٽ يا سياحتي اداري جي ڊجيٽل پورٽل ۽ پليٽ فارم تي حج لاءِ درخواست جمع ڪرائي سگهن ٿا. هلندڙ سال منيٰ ۾ 11 نئين عمارتن جو اضافو ڪيو ويو آهي جتي 37 هزار حاجين کي ترسڻ جي سهولت فراهم ڪئي ??يندي.
مملڪت ۾ هن وقت تائين 12 لک حج پانڌيئڙا پهچي چڪا آهن: سعودي حج ۽ عمري وارو وزير
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔