واشنگٽن -02 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي صدر جوبائيڊن اتحادين کي يقين ڏياريندي چيو آهي، ته يوڪرين ل??ءِ آمريڪا جي مدد جاري رهندي، وائيٽ هائوس ۾ رمارڪس ڏيندي جوبائيڊن ڪانگريس تي زور ڀريو آهي، ته جلد کان جلد امدادي پئڪيج تي ڳالهايو ويندو، اسان وٽ وڌيڪ وقت ناهي، اسان ڪنهن به صورت ۾ يوڪرين ل??ءِ آمريڪي حمايت کي روڪڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون. هن چيو ته ڊيمو ڪريٽس ۽ ري پبلڪن جي اڪثريت يوڪرين جي مدد ڪرڻ جي حمايت ڪري ٿي. واضح رهي ته يو??پي يونين ي پاليسي چيف جوزف بوريل يوڪرين جي دوري دوران چيو هو ته يوڪرين جي مدد لاءِ هڪ نئين تجويز تي غور ڪيو پيو وڃي ۽ اميد آهي ته يوڪرين ل??ءِ آمريڪي حمايت جاري رهندي. گذريل هفتي ڪيپيٽل هل ۾ آمريڪي نمائندن واري ايوان جي ميمبرن يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي سان ملاقات ڪئي. صدر زيلنسڪي ملاقات دوران چيو ته يوڪرين جنگ ک??ي رهيو آهي جڏهن ته اضافي امداد تمام ضروري آهي. ملاقات بعد سينٽر چڪ شومر يوڪرين جي صدر جي حوالي سان چيو هو ته جيڪڏهن کين امداد نه ملي ته هو جنگ هارجي ويندا.
ڪنهن به صورت ۾ يوڪرين لاءِ آمريڪي حمايت کي روڪڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي: جوبائيڊن
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج