اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چي?? آهي ته والدين جي سڃاڻپ کان ??حروم ٻارن جي حوالي سان ??ادرا ۾ پاليسي موجود آهي، ان ??اليسي تحت انهن ٻارن کي رجسٽرڊ ڪيو وڃي ٿو، اهڙن ٻارن جي لاءِ ش??ط آهي ته انهن جو تعلق اهڙي يتيم خاني يا چائلڊ پروٽيڪشن يونٽ سان ??جي جيڪو نادرا سان رجسٽرڊ هجي. هو سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر ثمينه ممتاز زهري جي قرارداد تي ڳالهائيندي رهيو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته والدين کانسواءِ ٻارن جو جڏهن آءِ ڊي ڪارڊ ٺهي ٿو ته ولديت جي جڳهه رينڊملي نالو وڌو وڃي ٿو. هن چي?? ته جيڪڏهن والدين کانسواءِ آءِ ڊي ڪارڊ جاري ڪنداسين ته انهن سان امتيازي سلوڪ ٿيندو ۽ معاشري ۾ انهن جي لاءِ مشڪلاتون ٿينديون. هن چي?? ته ان ??عاملي کي ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ بدران ??ادرا چيئرمين سان ??يٽنگ ڪري وٺون. هن ٻڌايو ته موجوده پاليسي تحت 280 ٻارن کي اڳ ۾ ئي رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي، ان کي وڌيڪ بهتر ڪري سگهجي ٿو، جيڪڏهن مجهول النسب لکيو ويو يا بنا والدين جي آءِ ڊي ڪارڊ جاري ڪيا ويا ته انهن ٻارن جي لاءِ معاشري ۾ جيئڻ مشڪل ٿي ويندو. هن چي?? ته يتيم خانن ۽ چائلڊ پروٽيڪشن يونٽس کي نادرا سان رجسٽرڊ هجڻ ضروري آهي ۽ اهڙن ٻارن جي سڃاڻپ جي لاءِ نادرا ۾ موثر نظام آڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهڙن ٻارن جي رجسٽريشن ممڪن ٿي سگهي. هن چي?? ته اطلاعات واري وزارت ان حوالي سان آگاهي مهم هلائڻ جي لاءِ تيار آهي. وفاقي وزير چي?? ته اهو ڪم پاڪستان جي ل??جنڊ مرحوم عبدالستار ايڌي شروع ڪيو هو ۽ ان کي سپريم ڪورٽ جو تحفظ پڻ حاصل آهي، جيڪڏهن سينيٽ جي پروٽيڪشن حاصل ٿي ويندي ته اهو وڌيڪ بهتر ٿي ويندو. هن چي?? ته اهو ڏسڻو پوندو ته اهو نظام ڪيئن ٺهي سگهي ٿو جنهن ۾ ٻارن جو نقصان ??ه ٿئي ۽ اسان ??ڌ کان ??ڌ ٻارن کي ان طريقي سان رجسٽرڊ ڪري انهن کي آءِ ڊي ڪارڊ جاري ڪري سگهون. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ثمينه ممتاز زهري جي سوال جي جواب ۾ چي?? ته جيڪڏهن ڪنهن جا والدين نه آهن ته نادرا ڊيٽابيس جي اندر رينڊملي ڪو به نالو ولديت ۾ لکيو وڃي ٿو ۽ ڊيٽابيس مان خبر پئجي وڃي ٿي ته هي ٻار اهو آهي جنهن جي ولديت نه آهي. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چي?? ته اسان جي ايوان جا اهڙا ميمبر به آهن جن اهڙا ٻار پاليا آهن ۽ انهن کي پنهنجي ٻارن کان ??ڌي ڪري پاليو آهي، زمين ڏني آهي، وراثت ۾ حق ڏنو آهي ۽ اهڙي طرح پاليو آهي جهڙي طرح پنهنجي ٻارن کي پالين ٿا، اهو مثال اسان جي سامهون موجود آهي.
والدين جي سڃاڻپ کان محروم ٻارن جي حوالي سان نادرا ۾ پاليسي موجود آهي، ان پاليسي تحت انهن ٻارن کي رجسٽرڊ ڪيو وڃي ٿو: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات