اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سڄي ملڪ مان بهترين ٽيلينٽ جي عالمي سطح تي پاڪستان جي نمائندگي هڪ اعزاز آهي، حڪومت ملڪ ۾ فٽ بال جي ر??ند جي واڌويجهه جي ل??ءِ مڪمل مدد ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن تازو ئي ناروي ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙ بهترين ڪارڪردگي رکندڙ اسٽريٽ چائلڊ فٽ بال ٽيم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪپتان محمد عديل، ٽاپ اسڪورر محمد ڪاشف، ٽيم مئنيجر سيد محمد اويس، مسلم هينڊز جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪ??ر سيد جاويد گيلاني، ڊائريڪٽر گلوبل آپريشنز ارسلان نصرت، ڪميونيڪشن ڊائريڪٽر محمد ريحان طاهر پڻ موجود هئا. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، چيئرمين وزيراعظم يوٿ پروگرام راڻا مشهود احمد خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم ۽ بدر شهباز سان گڏوگڏ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان اسٽريٽ چائلڊ فٽ بال ٽيم جا رانديگر پوري دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن، توهان سڀ رانديگر پاڪستان جا روشن ستارا آهيو، توهان جي بهترين ڪارڪردگي ان ڳالهه جي گ??اهي ڏي ٿي ته پاڪستاني نوجوانن کي موقعو ملي ته اهي پوري دنيا ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائين ٿا. هن چيو ته حڪومت پوري طرح سان توهان جي مدد ڪندي، پاڪستان ۾ فٽ بال جي ترقي جي ل??ءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين، تمام جلد پاڪستان ۾ فٽ بال جي ترقي جي ل??ءِ هڪ جامع پلان لاڳو ڪرڻ جي شروعات ڪنداسين. وزيراعظم مسلم هينڊز جي پاڪستان اسٽريٽ چائلڊ فٽ بال جي ترقي جي ل??ءِ قدمن کي ساراهيو. رانديگرن وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم کي مسلم هينڊز پاران پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ اسٽريٽ چائلڊ فٽ بال جي ل??ءِ قدمن تي بريفنگ پڻ ڏني وئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ترجيحي بنيادن تي محڪماڻي ر??ندين کي مڪمل طور تي بحال ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
حڪومت ملڪ ۾ فٽ بال جي راند جي واڌويجهه جي لاءِ مڪمل مدد ڪندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز