اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ ??اڪ??تان جي خلاف ڀارتي قيادت جي جارحاڻي بيان بازي کي علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ سنگين خطرو قرار ڏيندي عالمي برادري کان ان جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ڀارتي سياستدان چونڊ مقصدن جي لاءِ پنهنجي ملڪي سياست ۾ ??اڪ??تان کي گهيلڻ بند ڪن ۽ حساس اسٽريٽجڪ معاملن تي ??مي??اري جو مظاهرو ڪن. ڀارتي وزيراعظم، پرڏيهي وزير ۽ ڪابينا جي ٻين ميمبرن پاران تازو ئي ??اڪ??تان بابت بيانن جي سلسلي ۾ ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ ترجمان چيو ته ڀارتي لوڪ سڀا جي چونڊ مهم دوران مختلف اڳواڻن پاران ??اڪ??تان مخالف بيان بازي ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو ٿيو آهي، اسان انهن غير??مي??اراڻي بيانن کي رد ڪريون ٿا، جيڪي ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار، دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن، ٻطرفن لاڳاپن جي حالت ۽ ائٽمي صلاحيتن سميت ڪيترن ئي ٻين معاملن بابت آهن. ترجمان چيو ته افسوس سان اهڙي طرح قسم جا ??اڪ??تان مخالف بيان اتي چونڊ مقصدن جي لاءِ هائپر نيشنلزم جو فائدو کڻڻ ۽ وڌندڙ ملڪي ۽ عالمي تنقيد تان ڌيان هٽائڻ جي هڪ مايوس ڪندڙ ڪوشش جي عڪاسي ڪن ٿا، ڀارتي ليڊرن جو طرزعمل هڪ غيرسنجيده ۽ انتهاپسند ذهنيت کي بي نقاب ڪري ٿو، ان زهنيت سان ڀارت جي تذويراتي صلاحيت جي حوالي سان ان جي ??مي??اري تي سواليه نشان اٿاري ٿي، ٻئي طرف ??اڪ??تان جي اسٽريٽجڪ صلاحيت جو مقصد پنهنجي خودمختياري جو تحفظ ۽ پنهنجي علائقائي سالميت جو دفاع ڪرڻ آهي. ??اڪ??تان ماضي ۾ به پنهنجي دفاع جي عزم جو واضح طور تي مظاهرو ڪيو آهي ۽ جيڪڏهن ڀارت پاران ڪنهن به قسم جي حرڪت ڪئي وئي ته مستقبل ۾ به ائين ڪرڻ سان پاسو نه ڪيو ويندو. ترجمان چيو ته رڳو ڪجهه مهينا اڳ اسان ??اڪ??تاني سرزمين تي ڀارت جي عدالت کان مٿانهين ۽ عالمي قتل جي مهم جي تفصيلن کي بي نقاب ڪيو آهي، ??اڪ??تان جي اندر جارحاڻي ڪاررواين جي لاءِ پنهنجي تياري تي ڀارت جو مسلسل زور جرم جو اعتراف آهي. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير بابت اشتعال انگيز بيان بازي جي حوالي سان اسان ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪريون ٿا ته تاريخي حقيقتون، قانوني اصول، اخلاقي خدشا ۽ زميني حقيقتون ڀارت جي بي بنياد دعوائن جي ترديد ڪن ٿا، ڄمون ۽ ڪشمير هڪ عالمي سطح تي مڃيل تڪراري علائقو آهي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جون لاڳاپيل قراردادون واضح طور تي ان جي حتمي حل لاءِ گڏيل قومن جي سرپرستي ۾ راءِ شماري جو پابند بڻائين ٿيون. ڪي به ڀارتي بيان ان حقيقت کي نه ٿا بدلائي سگهن، تنهن ڪري ڀارت کي گهرجي ته هو انهن قراردادن کي عملي جامعو پارائڻ تي ڌيان ڏي. ترجمان ??ڌي?? چيو ته اسان ڀارتي سياستدانن تي زور ڀريون ٿا ته اهي چونڊ مقصدن جي لاءِ پنهنجي ملڪي سياست ۾ ??اڪ??تان کي گهيلڻ بند ڪن ۽ حساس اسٽريٽجڪ معاملن تي ??مي??اري جو مظاهرو ڪن، اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها ڀارتي قيادت جي جارحاڻي بيان بازي جو نوٽيس وٺي ??يڪو علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ سنگين خطرو آهي. ترجمان چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي ويزن کي ڄمون ۽ ڪشمير سميت سمورن حل طلب تڪرارن جي پرامن حل ۽ ٽڪراءُ کان تعاون طرف منتقلي جي ذريعي ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو.
پرڏيهي آفيس پاران پاڪستان خلاف ڀارتي قيادت جي جارحاڻي بيان بازي علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ سنگين خطرو قرار
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ