اسلام آباد – 11– اپريل (اي ??ي ??ي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان پاڪستان ۾ ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر ليز??ي اسڪينلون ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزارت اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ ٻطرف?? لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ڪئناڊا سان سمورن شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو. بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو. ملاقات ۾ هن پاڪستان مان افرادي قوت ڪئناڊا کي فراهم ڪرڻ جي حوالي سان پڻ اميد جو اظهار ڪيو.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین