سرينگر-25 جنوري (اي پي پي) ڪنٽرول لائن جي ٻنهي پاسن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري اڄ ڀارت جي يومِ جمهوريه کي ڪاري ڏينهن طور ملهائيندا، جنهن جو مقصد عالمي برادريءَ کي باور ڪرائڻ آهي ته ڀارت ڪشميرين کي ان جو حقِ خوداراديت ڏيڻ کان لاڳ??تو انڪار ڪري رهيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڪاري ڏينهن ملهائڻ جي اپيل ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڏني آهي، ان ڏينهن جي مناسبت سان والاريل ڪشمير ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو ۽ آزاد ڪشمير، پاڪستان ۽ مختلف ملڪن جي گادي وارن شهرن ۾ ڀا??ت مخالف مظاهرا ۽ ريليون ڪڍيون وينديون ته جيئن عالمي برداريءَ کي اهو پيغام ڏئي سگهجي ته ڀارت جنهن ڪشميرين جا سمورا بنيادي حق ختم ڪيا آهن ۽ ان کي والاريل عل??ئق?? ۾ پنهنجو يومِ جمهوريه ملهائڻ جو ڪوبه حق حاصل نه آهي. صداءِ مظلومين، ڄمون ڪشمير ڊيموڪريٽڪ موومينٽ، تحريڪ آزادي ڄمون ۽ ڪشمير، ڄمون ۽ ڪشمير لبريشن الائنس، ڄمون ۽ ڪشمير پوليٽيڪل ريزسٽنس موومينٽ ۽ يوٿ فريڊم فائٽرز پنه??جي بيانن، پيغامن ۽ پوسٽرن ذريعي سرينگر ۽ وادي ڪشمير جي ٻين عل??ئق?? جي عوام کان ڀارتي يوم جمهوريه جي سرڪاري تقريب جو بائيڪاٽ ڪرڻ ۽ پنه??جي گهرن، دڪانن ۽ ٻين عمارتن تي ڪارا جهنڊا ڦڙڪائڻ جي اپيل ڪئي آهي. ان حوالي سان والاريل ڪشمير جي مختلف عل??ئق?? ۾ گذريل هڪ هفتي کان مسلسل پوس??ر لڳايا پيا وڃن.
ڪشميري اڄ ڀارت جي يومِ جمهوريه کي ڪاري ڏينهن طور ملهائيندا
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ