اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اڱاري تي ايران روانو ٿي ويو آهي. کيس دوري جي دعوت ايراني هم منصب ڊاڪٽر امير عبداللهيان ڏني آهي، پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران ج??ري بيان موجب پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ايراني هم منصب سميت ٻين حڪومتي عهديدارن سان به ملاقاتون ڪندو. پرڏيهي وز??ر پنهنجي ايراني هم منصب سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو، پرڏيهي وز??ر جي حيثيت سان ايران جي پنهنجي پهرين دوري دوران بلاول ڀٽو زرداري ايراني صدر سان به ملاقات ڪندو، پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ٿيندڙ ڳالهين دوران ٻطرفن لاڳاپن جي سڀني ر??ن جو جائزو ورتو ويندو. جنهن ۾ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا، ايران کان بجلي جي فراهمي، سرحدي غذائي منڊين، روڊ ۽ ريل رابطا ۽ زائرين جي سهولتن جي فراهمي شامل آهن. ڳالهين ۾ علائقائي سلامتي جي صورتحال جو جائزو به ورتو ويندو. خاص طور تي افغان سميت ڏکڻ ايشيا جي مجموعي صورتحال سان گڏوگڏ سلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ تي ڌيان ڏنو ويندو، پرڏيهي وز??ر سڀاڻي اربع ڏينهن مشهد جو دورو ڪندو، پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري جو ايران جو دورو ٻن ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي گڏيل مٽاسٽا جو حصو آهي، اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پاڪستان ۽ ايران گڏيل جاگرافيائي، ثقافتي وابستگين ۽ تاريخي رابطن جي بنياد تي ويجهي عوامي لاڳاپن سان جڙيل آهن.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ايران روانو
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی