اسلام آباد – 12 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ملڪ کي درپيش سنگين معاش?? صورتحال ۽ اقتصادي چئلينجز مان نڪرڻ جي ??اءِ هنگامي بنيادن تي معاشي تجويزُون ۽ سفارشُون جوڙڻ جي ??دايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هدايت ڪئي ته اهي تجويزون زراعت، صنعت، سيڙپڪاري، بئنڪاري، واپارين، ڪاروباري برادري سميت سم??رن لاڳاپيل طبقن جي راءِ جي روشني ۾ جوڙيون وڃن. ان سلسلي ۾ ايندر ڪجهه ڏينهن ۾ سمٽ منعقد ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو آهي. بيان موجب حڪومت نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اها ڪائونسل غيرجانبدار ۽ ناليوارن معاشي ماهرن تي ٻڌل هوندي. وزارت عظميٰ جو عهدو باضابطا سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم جي صدارت ۾ هنگامي اجلاس ۾ معاشي ماهرن کي سفارشن جي تياري جو حڪم ڏنو ويو آهي. ناڻي واري سيڪريٽري اجلاس ۾ ملڪي معاش?? صورتحال، روينيو، بجيٽ خسارن، داخلي ۽ ٻاهرئين قرضن ج?? صورتحال سميت مجموعي قومي بيلنس شيٽ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي ته معاش?? صورتحال ۽ سنگين مالي خطرن کي ڏسندي فوري، وچولي ۽ ڊگهي مدي وارن هدفن جو واضح تعين ڪيو وڃي. هن اها هدايت به ڪئي ته پاليسي آپشنز تي ٺوس سفارشون پيش ڪيون وڃن ته جيئن انهن جي روشني ۾ ٺوس قدم کڻي سگهجن. وزيراعظم عوام کي ريليف ڏيڻ ۽ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي حوالي سان پڻ ٺوس تجويزون جوڙڻ جي ??دايت پڻ ڪئي. ان کانسواءِ هن رمضان المبارڪ ۾ رمضان بازار جي ??انيٽرنگ ۽ ضرورت جي شين جي ??يمتن ۾ فوري گهٽتائي آڻڻ جو پڻ حڪم ڏنو. هن چيو ته اسان کي قومي ۽ عوامي مفادن جي ??چ ۾ بهترين توازن سان اڳتي وڌڻو آهي.
وزيراعظم پاران ملڪ کي درپيش سنگين معاشي صورتحال ۽ اقتصادي چئلينجز مان نڪرڻ جي لاءِ هنگامي بنيادن تي معاشي تجويزون ۽ سفارشون جوڙڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria