اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون ۽ ڀارت جو غيرذميواراڻو رويو علائقائي امن ۽ سلامتي جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ آهي، يوڪرين جي تڪرار جو حل پائيدار ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي ذريعي ضروري آهي، پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي جو ٻيو مرحلو پاڪستان ??ي اقتصادي ترقي جي ڪوششن کي سگهه ڏيندو. او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان ??يل چين جي پرڏيهي وزير ۽ اسٽيٽ قونصلر وانگ زي وزيراعظم عمران ??ان ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران ??ان وانگ زي جي پاڪستان ۾ آجيان ڪندي گذريل ڏينهن چائنا ايسٽرن فلائٽ جي حادثي ۾ قيمتي جانين جي زيان ??ي دلي همدردي جو اظهار ڪيو. چيني پرڏيهي وزير چين جي صدر شي جن پنگ ?? چيني وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ پاران وزيراعظم جي پرخلوص خواهشن جو پيغام پهچايو ?? چين پاڪستان ??ي وچ ۾ هر موسم ۾ تعاون ۽ حصيداري جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم ?? چيني پرڏيهي وزير پاڪ چين بطرفن لاڳاپن جي موجوده رفتار ۽ بدلجندڙ علائقائي ۽ عالمي منظرنامي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم بيجنگ سرمائي اولمپڪس افتتاحي تقريب جي لاءِ پنهنجي تازي چين جي دوري ?? چيني قيادت سان پنهنجي ملاقاتن جو پڻ ذڪر ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي جو ٻيو مرحلو صنعتي ترقي، زراعت ۽ آءِ ٽي جهڙن شعبن ۾ تعاون سان گڏوگڏ اقتصادي ترقي جي لاءِ پاڪستان ??ي ڪوششن کي سگهه ڏيندو. هن چيني سيڙپڪارن جي پاڪستان ۾ پرڪشش موقعن مان فائدو کڻڻ جي پڻ آجيان ڪئي. ٻنهي ڌرين يوڪرين جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ان ??ي پائيدار ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي ذريعي حل جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم عمران ??ان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ ان ??ي غيرذميواراڻي رويي کان ??گاهه ڪيو جيڪي علائقائي امن ۽ سلامتي جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ آهي. وزيراعظم ڀارت پاران پاڪستان ??ي حدن ۾ ميزائل جي نام نهاد حادثاتي فائر بابت پڻ آگاهه ڪيو ۽ پاڪستان پاران ??ن جي گڏيل جاچ جي مطالبي تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي ته ٻيهر ائين نه ٿئي. هن افغانستان ۾ امن ۽ افغانستان کي فروغ ڏيڻ ۽ اتي انساني بحران کي روڪڻ جي لاءِ ويجها لاڳاپا جاري رکڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.
يوڪرين جي تڪرار جو حل پائيدار ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي ذريعي ضروري آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : bolão lotomania