اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسي?? چيو آهي ته برطانوي عدالتن ريحام خان کي ذلفي بخاري تي ڪوڙن الزامن تي هرجاڻي ۽ معافي گهرڻ جو حڪم ڏنو، اهڙي طرح جو قانوني نظام پاڪستان ۾ آڻڻ جي ڪوشش کي اظهار راءِ جي آزادي جي خلاف چئي ميڊيا مالڪ مهم شروع ڪري ڇڏيندا آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ?? ه?? چيو ته بحرحال ريحام جو ڪوڙو هجڻ هڪ دفعو ٻيهر ثابت ٿيو، اصل ۾ هو عادي ڪوڙي آهي. وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ?? ريحام خان کي ان ٽوئيٽ جو به حوالو ڏنو جنهن ۾ ريحام خان ذلفي بخاري تي لڳايل الزامن تي معافي نامو شيئر ڪيو، پنهنجي معافي نامي ۾ ريحام خا?? چيو ته مون 6 ۽ 7 ڊسمبر 2019ع تي پنهنجي يوٽيوب چئنل، فيس بڪ پيج ۽ پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي ذوالفقار عباس بخاري تي روز ويلٽ هوٽل کي گهٽ قيمت تي وڪرو ڪرڻ جي حوالي سان الزام لڳ??يا هئا جيڪي غلط ۽ ڪوڙا هئا. ريحام خان پنهنجي ٽوئيٽ ?? 7 ڊسمبر 2019، 15 مارچ 2020ع، 17 مارچ 2020ع ۽ 23 مارچ 2020ع تي ذلفي بخاري تي لڳايل الزامن تي به چيو ته اهي غلط ۽ ڪوڙا هئا. هن ذلفي بخاري تي لڳايل الزامن تي غير مشروط معافي گهري ۽ هتڪ عزت ۽ قانوني خرچن جي مد ۾ رقم ادا ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو آهي.
برطانوي عدالتن ريحام خان کي ذلفي بخاري تي ڪوڙن الزامن تي هرجاڻي ۽ معافي گهرڻ جو حڪم ڏنو، اهڙي طرح جو قانوني نظام پاڪستان ۾ آڻڻ جي ڪوشش کي اظهار راءِ جي آزادي جي خلاف چئي ميڊيا مالڪ مهم شروع ڪري ڇڏيندا آهن: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : como jogar na loteria