اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) ماحوليا?? جي شعبي ۾ حڪومتي ڪوششن جي اعتراف ۾ پاڪستان گڏيل قومن ??ي ماحوليات بابت پروگرام (يو اين اي پي) جي سهڪار سان ماحوليا?? جي عالمي ڏهاڙي 2021ع ??ي ميزباني ڪندو. ماحوليات جو عالمي ڏهاڙو پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ 5 جون تي ملهايو ويندو. پاڪستان کي ماحوليا?? جي عالمي ڏينهن جي تقريبن ??ي ميزباني جو اهو اعزاز وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ حڪومت طرفان قدرتي ماحول جي بحالي ۽ تحفظ ۽ مسئلن جي حل لاءِ قدرتي طريقن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ڪوششن جو عالمي سطح تي اعتراف آهي. وزيراعظم عمران خان جي حياتياتي تنوع جي ڪنووينشن ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ قائداڻي خطاب ۽ سندس قيادت ۾ صاف ۽ سرسبز پاڪستان پروگرام، 10 بلين ٽري سونامي پراجيڪٽ ۽ جهنگلي حيات لاءِ محفوظ علائقن کي فروغ ڏيڻ جهڙي قدرتي ماحول جي تحفظ ۽ بحالي ??ي منصوبن جي صورت ۾ پاڪستان جي عالمي اڳواڻ جي حيثيت سان ڪردار کي تسليم ڪندي يو اين اي پي ماحوليا?? جي عالمي ڏهاڙي ??ي ميزباني جي آڇ ڪئي هئي. هن سال ماحوليات جو عالمي ڏهاڙو ”ايڪو سسٽم جي بحالي“ جي عنوان سان ملهائيندي قدرت سان پنهنجي تعلق کي نئين سر قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويندو. ان موقعي تي گڏيل قومن جي ايڪو سسٽم جي بحالي جي ڏهاڪي 2021ع کان 2030ع جو به باضابطه افتتاح ڪيو ويندو. ماحوليا?? جي عالمي ڏهاڙي ??ي ميزباني سان پاڪستان جو دنيا ۾ مثبت تشخص اڀرندو جڏهن ته موسمياتي تبديلين ۽ ماحوليا?? جي تحفظ ۽ فروغ جي حوالي سان قومي عزم، پروگرامن، منصوبن ۽ ڪاميابين کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جو موقعو به ميسر ايندو. ماحوليا?? جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان سرگرمين جو اهتمام موسمياتي تبديلي واري وزارت ڪندي. ان ڏينهن ??ي مناسبت سان اعليٰ سطح جي تقريبن جو انعقاد ڪيو ويندو جنهن ۾ صدر، وزيراعظم، عالمي اڳواڻن ۽ ٻاهرين نمائندن جي شرڪت جو امڪان آهي، جرمن واچ موجب پاڪستان گذريل 20 سالن جي دوران موسمياتي تبديلين جا اثر سڀ کان وڌيڪ متاثر 10 ملڪن ۾ شامل آهي. پاڪستان کي موسمياتي تبديلين ??ي منفي اثرن جي ڪري 2010ع کانپوءِ مسلسل ٻوڏن، ٿرپارڪر ۽ چولستان ۾ شديد ڏڪار، مل?? جي ڏاکڻي حصي ۾ شديد گرمي جي لهر، طوفان، سامونڊي طوفان، لينڊ سلائيڊنگ ۽ مل?? جي اترين علائقن ۾ گليشيئرز جي پگهرجڻ سان ٺهندڙ ڍنڍن جي ٽٽڻ جي ڪري ٻوڏ جهڙين ڪيفتين جا خطرا درپيش رهيا آهن.
پاڪستان حڪومتي ڪوششن جي اعتراف ۾ ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي ميزباني ڪندو
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada