اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس بابت تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 2 هزار 980 پازيٽو ڪيسز رپورٽ ٿيا، هڪ لک 40 هزار 965 مريض ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي مڪمل صحتياب ٿي ويا، ٽي ٽي ڪيو حڪمت عملي تحت 30 شهرن ۾ وقت سر هاٽ اسپاٽ جي نشاندهي ڪئي، انهن علائقن ۾ وبا تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ٽارگيٽيڊ لاڪ ڊائون عوام جي صحت کي يقيني بڻائيندو. اين سي او سي موجب صحت جي ماهرن جو مشورو آهي ته جيئن ته عوام گذري?? 4 کان 6 هفتن ۽ خاص طور تي عيدالفطر جي موقعي تي معاشرتي فاصلي، ماسڪ جي استعمال سميت ايس او پيز تي عملدرآمد ڪيو اهڙي طرح عيد??لا??حيٰ دوران ??ه اهڙو ئي تعاون جاري رکي، ان ??ان ??نتظاميا کي وبا تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. ڪورونا وائرس جي ڪري گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 83 ماڻهو فوت ٿي ويا. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 21 هزار 951 ٽيسٽ ڪيا ويا جن ۾ سنڌ جا 9 هزار 317، پنجاب جا 7 هزار 659، خيبرپختونخواهه جا 2017، اسلام آباد جا 2078، بلوچست??ن جا 505، گلگت بلتست??ن جا 2 ۽ آزاد ڪشمير جا 293 ٽيسٽ شامل آهن.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران ڪورونا وائرس بابت تازا انگ اکر جاري
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ