اسلام آباد – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فر??وس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصا?? جي حڪومت احساس ۽ صحت انصاف ڪارڊ جهڙا پروگرام متعارف ڪرائي عام ماڻهو جي زندگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کنيا آهن. هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت آسان ڪاروباري قدمن جي ذريعي برآمدي ??نعت کي فروغ ڏئي رهي آهي، هن چيو ته سيڙپڪارن جي سهولت جي ل??ءِ کنيل قدمن سان ان جو اعتماد بحال ٿيو آهي. خصوصي معاون وڌيڪ چيو ته اڄ پاڪستان محفوظ هٿن ۾ آهي ڇو ته ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ سول ۽ فوجي قيادت هڪ پيج تي آهن. هن چيو ته بهتر عوامي خدمتن جي فراهمي جي ل??ءِ قومي ادارن ۾ سڌارا آندا پيا وڃن، ڊاڪٽر فر??وس عاشق اعواڻ چيو ته جمهوريت ۾ مخالف ڌر جو ڪردار تنقيدي ??رور هوندو آهي پر ڄمون ۽ ڪشمير هڪ قومي مسئلو آهي ۽ سمورين مخالف ڌرين کي والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ انساني حقن جي پائمالين کي دنيا جي اڳيان بي نقاب ڪرڻ لاءِ حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي.
پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت احساس ۽ صحت انصاف ڪارڊ جهڙا پروگرام متعارف ڪرائي عام ماڻهو جي زندگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کنيا آهن: ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن