اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪي واپاري اقتصادي سيڙپڪاري ۽ دفاعي لاڳ??پن کي وڌيڪ وڌائڻ سميت آزاداڻي واپار معاهدي (ايف ٽي اي) کي جلد کان جلد عملي جامو پارائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، اهڙو اتفاق راءِ ڪالهه جمعي ڏينهن پرڏ??هي وزارت ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ??فد?? جي سطح تي ڳالهين دوران ڪيو ويو جنهن ۾ پاڪستان جي پرڏ??هي وزير شاهه محمود قريشي پاڪستاني وفد جڏهن ته ان جي ترڪ هم منصب ميولٽ شاوس اوولو ترڪ وفد جي قيادت ڪئي. پرڏ??هي کاتي جي ترجمان موجب پاڪستان جي پرڏ??هي وزير شاهه محمود قريشي پنهنجي آجياڻي وارن لفظن ۾ پاڪستان ۽ ترڪي کي ڀائر دوست ۽ پارٽنر قرار ڏيندي چيو ته ٻئي ملڪ گڏيل اعتماد جي بنياد تي گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ ثقافت جي جدا نه ٿيندڙ رشتن ۾ ڳنڍيل آهن جڏهن ته ترڪي جي پرڏ??هي وزير پنهنجي پاڪستاني هم منصب کي ترڪ صدر رجب طيب اردوان ۽ ترڪ عوام پاران ن??ڪ تمنائن جو پيغام پهچايو ۽ کيس پنهنجا فرض سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني.
پاڪستان ۽ ترڪي پاران ايف ٽي اي کي جلد عملي جامو پارائڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ