اسلام آباد – 27 اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان پولينڊ سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فلم، پروڊڪشن ۽ براڊ ڪاسٽنگ جي شعبن ۾ حصيداري اڻٽر آهي، هي شعبا ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ قدرن، ثقافت ۽ دوستي بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پولينڊ جي سفير پيٽر او پالنسڪي سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام جي گ??يل مفاد جي شعبن ۾ وڌيڪ تعاون مس??حڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
مضمون کا ماخذ : راکی