ڪوهالا – 30 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته اچو ته گڏجي ڪشمير کي ترقي جي رستي تي گامزن ڪريون. ڪوهالا ويجهو برسالا وٽ مسلم ليگ (ن) جي چونڊ آفيس جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان ڪوهالا جي پل تي بيٺل آهيون، پل جي هڪ طرف پاڪستان ۽ ٻئي طرف آزاد ڪشمير آهي، ٻنهي طرف پاڪستان آهي، هڪ طرف پاڪستان جو صوبو پنجاب آهي ۽ ٻئي طرف رياست آزاد ڪشمير آهي، ٻنهي طرف پاڪستان مختلف قسم جو آهي. هن چيو ته پنجاب طرف وارو پ??ڪستان ترقي ۾ اڳيان نڪري ويو آهي ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي روزگار،ڪاروبار، نوڪر??، علاج، تعليم ج?? لاءِ ان طرف اچڻو پوي ٿو.
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج