بيجنگ – 30 مئي (اي پي پي) چين جي صدر شي ج?? پنگ بيجنگ ۾ چين عرب رياستن جي سه??ار جي فورم کي خطاب ۾ عرب دنيا سان پنهنجي ويجهن لاڳاپن جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. رائٽرز جي رپورٽ مطابق چيني صدر بحرين، مصر، گڏيل عرب امارتن ۽ تيونس جي سربراهن سان گڏو گڏ عرب ليگ جي ٻين ملڪن جي پرڏيهي وزيرن کي پڻ خطاب ڪيو. ان موقعي تي هن فلسطيني ڪاز لاءِ ڪيترائي واعدا ڪيا جن ۾ فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي ايجنسي (يو اين آر ??بليو اي) کي 30 لک ڊالر جو عطيو ۽ غزه جي نئين سر تعمير ۾ سه??ار جو واعدو پڻ شامل آهي. چيني صدر پنهنجي ملڪ طرفان هڪ آزاد فلسطيني رياست جي قيام ۽ ان لاءِ گڏيل قومن جي مڪمل رڪنيت جي حمايت جو پڻ ورجاءُ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته غزه تي اسرائيل جي ج??گ اڻڄاڻايل مدي تائين جاري نٿي رهي سگهي ۽ وچ اوڀر جي ان مسئلي ج?? ٻه رياستي حل اڻٽر آهي.
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔