انقره – پهرين اپريل (اي پي پي)ترڪيه جي صدر طيب اردوان مڪاني چونڊن ۾ پنهنجي شڪست تسليم ڪري ورتي آهي. اردو نيوز مطابق صدر طيب اردوان چيو ته ٻن ڏهاڪن کان اقتدار ۾ رهڻ بعد سندس پا??ٽي لاءِ ووٽ هڪ ٽرننگ پوائنٽ هو. سڄي ملڪ مان آيل جزوي نتيجن ۾ ريپبلڪن پيپلز پا??ٽي (سي ايڇ پي) کي رجب طيب اردوان جي جسٽس اينڊ ڊولپمينٽ پا??ٽي تي واضح برتري حاصل آهي. استنبول جي ميئر ۽ اپ??زيشن جي اهم اڳواڻ اڪرم امام اوغلو پنهنجي فتح جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته اڄ اسان جي ملڪ لاءِ بهار جو نئون ڏين??ن آهي. ترڪيه جي اليڪشن ڪميشن طرفان اڄ حتمي ??تي??ن جي اعلان جو امڪان آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا